ڪوئيٽا/ ڪابل(م ڊ) پاڪ افغان سرحد باب دوستي تي افغان سنتري جي فائرنگ ۾ 2 پاڪستاني شهيد، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته باب دوستي تي افغان محافظ پاڪستان مان افغانستان ويندڙن تي فائرنگ ڪئي، پنڌ ويندڙن تي بنا جواز فائرنگ ۾ 12 ورهين جي نينگر سوڌو 2 پاڪستاني شهيد ٿي ويا، هڪ نينگر زخمي ٿي پيو، پاڪستاني فوج مسافرن جي موجودگيءَ سبب صبر جو مظاهرو ڪيو، پاڪستاني فوج ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪابه جوابي فائرنگ نه ڪئي، جوابدار جي گرفتاري ۽ غير ذميواراڻي عمل جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ افغان اختيارين سان رابطو ڪيو، اُميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪنٽرول ڪندي، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا، پاڪستان هاڪاري ۽ تعمير لاڳاپن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، اهڙا اڻوڻندڙ واقعا اسان جي سنجيده ڪوششن کي ڇيهو رسائي سگهن ٿا. هوڏانهن طالبان حڪومت جي مرڪزي ترجمان ذبيح الله مجاهد پاڪستان ۾ افغانين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي رد عمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن سان ٿيندڙ سلوڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان تي ان حوالي سان نظرثاني ڪرڻ گهرجي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته جيستائين افغان مهاجر پنهنجي مرضي سان پاڪستان نٿا نڪرن تيستائين کين برداشت ڪيو وڃي.