لاهور(م ڊ) پاڪستان سپرليگ ۾ ڪوئيٽا اسلام آباد کي هارائي پهرين نمبر تي اچي وئي. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائٽڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 157 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ حسن نواز جي شاندار راند سبب گليڊيئيٽرز هدف هڪ بال پهرين ئي ماڻي ورتو . ڪوئيٽا جي ڪاميابي سان پوائنٽس ٽيبل تي اسلام آباد يونائيٽڊ ٻئين نمبر تي هلي وئي جڏهن ته ڪوئيٽا 11 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي اچي وئي.