راولپندي(م ڊ) پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اسلام آباد يونائيٽڊ کي هارائي پلي آف ۾ پهچي وئي. راولپنڊي ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ ڪوئيٽا پهرين بيٽنگ ڪندي 3 وڪيٽون وڃائي 263 رنسون ٺاهيون، اهم ميچ ۾ رائلي روسو به فارم ۾ اچي ويو ۽ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 46 بالن تي 104 رنسون ٺاهي ويو جڏهن ته حسن نواز به آخري بال تي چوڪو هڻي سينچري مڪمل ڪئي. جواب ۾ اسلام آباد يونائٽڊ جا بيٽر هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا رهيا پوري ٽيم 154 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عماد وسيم 56 رنسون ٺاهيون، ڪوئيٽا طرفان محمد عامر 3، ابرار ۽ محمد وسيم 2-2 وڪيٽون ورتيون.