لاهور(م ڊ) پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اسلام آباد يونائٽڊ کي هارائي فائنل ۾ پهچي وئي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پاڪستان سپر ليگ جي پهرين پلي آف ميچ ۾ ڪوئيٽا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، گليڊيئيٽرز پاران دنيش چنديمل  48 ،  فهيم اشرف 45 ۽ فن ايلن 41 رنسون ٺاهيون ڪوئيٽا مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي، صاحبزادا فرحان 52 ۽ سلمان علي آغا 42 رنسون ٺاهيون، عثمان طارق 3 وڪيٽون ورتيون، محمد عامر، فهيم اشرف ۽ وسيم جونيئر 2-2 وڪيٽون وٺي ويا. فهيم اشرف کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سڌو فائنل ۾ پهچي وئي جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ ٻئين پلي آف جي فاتح ٽيم سان ميچ کيڏندي.