احمدپور (ن پ ا) ڪوئيٽا اسٽيشن تي آپگهاتي حملي جي شهيدن ۾ احمدپور واسي فوجي جوان به شامل آهي، احمدپور لڳ ڳوٺ وڏا کنڀڙا جو رھواسي فوجي اھلڪار منير احمد کنڀڙو ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي ۾ شھيد ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي شھيد فوجي جي گهر ۾ڪهرام مچي ويو، شھيد فوجي جوان جي وارثن بلاول کنڀڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته فوجي جي گلگت ۾ ڊيوٽي ھئي، جتان کيس ٽريننگ ۽ ڪورس ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا موڪليو ويو هو، جتان ڪورس مڪمل ڪري موڪل وٺي ڳوٺ اچڻ لاءِ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٽرين جي انتظار ۾ ويٺل ھو ته بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو، شهيدط فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ آڻڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

بدنصيب مسافر ڪوئيٽا کان راولپنڊي وڃي رهيا هئا

ڪوئيٽا: ايس ايس پي آپريشنز محمد بلوچ جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا کان راولپنڊي ويندڙ جعفر ايڪسپريس جا مسافر ٽرين جي انتظار ۾ پليٽ فارم تي موجود هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.