ڪوئلي جون کاڻيون ۽ نظرانداز ٿيل مائينز سيفٽي ليبر قانون

0
39
پاڪستان ريلوي يا پنجاب ريلوي؟

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ سمورن  صعنتي شعبن جي مزدورن جي حالت بنهه خراب آهي، نه انهن کي ڪم لاءِ سازگار ماحول ملي ٿو ۽ نه ئي وري ليبر قانونن تي عمل ٿئي ٿو. انهن سمورن شعبن ۾ وري مائينز واري شعبي جي حالت بنهه خراب آهي، خاص طور تي ڪوئلي جي کاڻين ۾ جيڪي پورهيت ڪم ڪن ٿا، اهي صحت ۽ زندگيءَ جا شديد خطرا کڻي ڪم ڪندا آهن. خاص طور تي بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حالت گهڻي خراب آهي. بلوچستان جي کاڻين ۾ مختلف وقتن تي پورهيت کاڻين اندر گئس گڏ ٿيڻ جي ڪري ٿيندڙ ڌماڪن ۾ دٻجي فوت ٿيندا رهن ٿا. اهڙو ئي هڪ ڏکوئيندڙ حادثو هرنائي ضلعي جي هڪ کاڻ اندر پڻ پيش آيو آهي، جنهن ۾ 10 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا آهن ۽ انهن جي واهر لاءِ جيڪي ٻيا 8 ماڻهو ڪوئلي جي کاڻ اندر لٿا ته اهي به ڦاسي پيا، جن کي ريسڪيو ٽيمن زنده بچائي ورتو آهي. کاڻ مان هيستائين 8 لاش ڪڍيا ويا آهن ۽ ٻين کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن.

پاڪستان ۾ ڪاري سون جا تمام گهڻا ذخيرا آهن ۽ اهو ڪارو سون ڪڍڻ لاءِ هزارين پورهيت کاڻين ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا، خاص طور تي بلوچستان ۾ انهن جو تعداد وڌيڪ آهي پر کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت سج ڏسي نه سگهندا آهن. اهي سج اڀرڻ کان اڳ ۾ کاڻ جي اونداهين ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ وري سج لهڻ کانپوءِ اهي ٻاهر نڪرندا آهن. کاڻين ۾ حادثن جو سڀ کان وڏو سبب ٺيڪيداري نظام آهي ۽ ٺيڪيدار کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کان غير انساني ماحول ۾ ظالماڻي انداز ۾ ڪم وٺن ٿا. کاڻين ۾ اڪثر ڪري ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ساهه، دم، گردن ۽ سِلهه سميت مختلف خطرناڪ بيماريون ٿي وينديون آهن پر حالت اها آهي ته انهن جي علاج لاءِ ٺيڪيدارن طرفان ڪي به سهولتون ميسر ڪيل نه هونديون آهن، نه ئي وري حڪومت طرفان بهتر انتظام هوندا آهن. نه انهن کي پورهئي جو پورو اجورو ملندو آهي ۽ نه ئي وري سوشل سيڪيورٽي، اِي او بي آءِ، ورڪرز ويلفيئر فنڊ (ڊيٿ گرانٽ، مئريج گرانٽ، ٻارن لاءِ تعليمي اسڪالرشپ) جون سهولتون موجود هونديون آهن. ايتري قدر جو حادثاتي موت جي صورت ۾ به انهن جي خاندان کي اڪثر ڪري معاوضو نه ملندو آهي. ڪنهن هنگامي حالت جي صورت ۾ نه ڪي ريسڪيو جون سهولتون هونديون آهن ۽ نه ئي وري ايمبولينس سروس ميسر هوندي آهي. کاڻين ۾ گهڻو ڪري جيڪي موت ٿيندا آهن، اهي گئس ڀرجڻ جي ڪري ٿين ٿا ۽ انهن گئسن ۾ به ميٿين گئس ۽ ڪاربان مونو آڪسائيڊ اهم آهن. کاڻين ۾ گئسن جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ڊجيٽل ڊٽيڪٽر هجڻ گهرجن، پر ٺيڪيدار وڌ ۾ وڌ ڪمائڻ چاهيندا آهن ۽ اهي اهڙيون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. انگريزن جي دور ۾ مائينز جي شعبي ۾ قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو هو ۽ هر کاڻ ۾ وينٽيليشن لاءِ هڪ متبادل رستو موجود هوندو هو، جنهن کي ‘هوائي’ چيو ويندو هو پر هاڻي اهو متبادل رستو ٺاهڻ جي ضرورت ئي محسوس نٿي ڪئي وڃي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪوئلي جي کاڻين واري شعبي کي انڊسٽري تسليم ئي نٿو ڪيو وڃي ۽ ان ڪري انهن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ليبر قانونن تحت سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن. توڙي جو مائينز ۽ منرلز جو کاتو موجود هوندو آهي پر اهو پورهيتن جي بدران ٺيڪيدارن ۽ ليز هولڊرز جي مفادن جي تحفظ ۾ رڌل هوندو آهي. نه ڪوئلي جي کاڻين جي درست نموني انسپيڪشن ٿيندي آهي. مائينز انسپيڪٽر به گهٽ تعداد ۾ آهن ۽ جيڪي آهن، انهن جي اڪثريت پورهيتن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي وري سرڪاري طور تي ڪو ريسڪيو اسڪواڊ فوري طور تي ميسر هوندو آهي. ڪوئلي جي کاڻين ۾ مائينز سيفٽي ليبر قانونن تي عمل ناهي ٿيندو، جنهنڪري به وڏو نقصان ٿئي ٿو. ان کانسواءِ وڏو مسئلو چائلڊ ليبر جو آهي. 12/13 سالن تائين جي عمر جا ٻارڙا به ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندي ڏٺا ويا آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مائينز سفيٽي ليبر قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. ڪوئلي جي کاڻين کي انڊسٽري جو درجو ڏيئي اتي جي پورهيتن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي، انهن کي سوشل سيڪيورٽي، اِي او بي آءِ، ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي سهولت ملڻ ڏني وڃي. خطرناڪ گئسن جي موجودگيءَ جو پتو لڳائڻ لاءِ ڊجيٽل ڊٽيڪٽر سميت جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن.