ڪوئلن جو ڪاروبار

0
80
ڪوئلن-جو-ڪاروبار

  ڪلچر کاتي جي هڪ ڪاموري ڪيتري نه فخر سان بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽر کي ٻڌايو آهي ته “هن ڀيري شديد برساتن ۾ به موهن جي دڙي جو نڪاسيءَ وارو نظام بهترين نموني ڪم ڪندو رهيو”

                 اردو شاعره پروين شاڪر جي جڳ مشهور سٽ آهي “بات تو سچ هي مگر بات هي رسوائي ڪي”

                 اهو سچ آهي. ان سچ ۾ شڪ جي ڪا گنجائش ناهي ته چار هزار سالن کان وڌيڪ پراڻو شهر تاريخ ۾ ڪڏهن به ۽ ڪيتري به برسات سبب متاثر نه ٿيو آهي پر جڏهن اها ڳالهه ڪو سرڪاري ڪامورو يا سرڪاري سياستدان ڪري ٿو، تڏهن قومي فخر شرم جي عظيم علامت بڻجي وڃي ٿو. ڇا هڪ ڪرپٽ حڪومت جي ڪمدار کي اهو جواب ڏيڻ جو حق به آهي؟ اهو ته جواب به ناهي. اهو ته بذات خود هڪ سوال آهي. هي اهو سوال آهي، جنهن سوال جي سوليءَ تي سنڌ سرڪار ٽنگيل نظر اچي ٿي. هي اهو سوال آهي، جيڪو سوال سپريم ڪورٽ کي سنڌ سرڪار کان پڇا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ ۾ آيل تباهيءَ جي سببن کي معلوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا اعليٰ عدالتي ڪميشن وجود ۾ آئي ته ملڪ جي وڏي عدالت جو منصف سنڌ جي حڪمرانن کان اهو سوال ضرور پڇا ڪندو ته جيڪڏهن هزارين سال اڳ ۾نڪاسيءَ جو قديم نظام هن ڀيري جي تاريخي برساتن ۾ روان دوان رهيو ته آخر اوهان جو جوڙيل نڪاسيءَ جو جديد ترين نظام ناڪام ڇو ٿيو؟

سنڌ کي ٻوڙڻ جو الزام قدرت تي هڻڻ کان اڳ ۾ حڪمرانن کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن جي لاءِ سرمائي کان سوا ٻي ڪا به شيءَ مقدس آهي ته ان جو قسم کڻي ٻڌائين ته ڇا سنڌ جي ٻڏڻ جو سبب نڪاسيءَ جو بدترين نظام نه آهي؟ ۽ ان سان گڏ اهو به ٻڌائين ته ڇا نڪاسيءَ جي نظام جي ناڪاميءَ جو بنيادي ڪارڻ ڪرپشن ناهي؟ جڏهن پنهنجي پياري چمچي کي شهر جي نالين جو ٺيڪو ڏنو ويندو ته ان جو سبب اهو نه هوندو جو هو بهترين ڪم ڪندو. ان جو سبب اهو هو ته ان مان هو مال ڪمائي. جڏهن ذاتي نفعو تمام گهڻو ڪمايو ويندو آهي، تڏهن اجتماعي نقصان پوڻ اڻ ٽر بڻجي ويندا آهن. هر ڀيري ايئن ٿيو آهي. هن ڀيري به ايئن ٿيو.

سنڌ ۾ جيڪي به ڪٽ لڳا. ان جو ڪارڻ ڪرپشن هو. سنڌ ۾ جيڪي به بند ڀريا. اهو ان  ڪرپشن سبب هو. سنڌ ۾ جيڪي به شهر ٻڏا. جيڪي به گهر ڪريا. جيڪي به انسان مئا. جيڪو به نقصان ٿيو. ان جو سبب ناسمجهي نه هو. هن وقت جي سائنس ته اهڙا ڪرشما ڪري سگهي ٿي، جنهن جو تصور ڪرڻ به محال آهي. پر هن زوال جو سبب صرف ۽ صرف ڪرپشن هو ۽ آهي.

اها ڪرپشن ئي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان پوري دنيا ۾ هڪ اڪيلو ۽ تنها ملڪ بڻجي ويو آهي. پاڪستان کي هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ جي پاران ايتري امداد نه ملي آهي، جنهن کي هيڏي وڏي آفت جي حوالي سان امداد چئي سگهجي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن امدادي سامان سان 113 جهاز لينڊ ٿيا آهن ته اهو مقدار اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي. ڇو ته اٽي ۾ لوڻ جي چپٽي هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اها امداد ايتري آهي، جنهن کي عربيءَ ۾“اٺ جي وات ۾ زيري جو داڻو” ڪوٺيندا آهن. وڏي ڳالهه ته ان امداد جو نالي ماتر حصو به سنڌ ۾ نه ڏٺو ويو آهي. ڇو ته سنڌ جي سرڪاري سرواڻ مراد علي شاهه پاڻ مڃيو آهي ته سنڌ کي پرڏيهي امداد جو هڪ داڻو به نه مليو آهي ۽ هن اها ڳالهه ان وقت ڪئي آهي، جڏهن وفاق ۾ اها حڪومت آهي، جنهن جي آرڪيٽيڪٽ پيپلز پارٽي آهي.

سنڌ جي عالمي امداد مان جائز حصو ڇو نه مليو آهي؟ اها امداد شريف خاندان جي تڪن ۾ ڇو استعمال ٿي رهي آهي؟ ان سوال جو جواب ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ کي ڏيڻ گهرجي. هو جيڪو اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته “لاڙڪاڻي جو نڪاسيءَ جو نظام دنيا جي بهترين نظامن مان هڪ آهي” ان کي پنهنجي دعويٰ اعليٰ عدالت ۾ ثابت ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. ان سطح تي هن کي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن. هن کي ان سوال جو جواب به ڏيڻ گهرجي ته “بحريا ٽائون ڇو نه ٻڏو؟ سنڌ جو ٻيو هر ٽائون ڇو ٻڏو؟” جڏهن ته اڳ ۾ هن کي ان اهم ترين سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي هو هيڏي وڏي ٻوڏ جي حالت ۾ هتي ڇا ٿو ڪري؟ هو جيڪو پنهنجي ناني جهڙو نظر اچڻ جي لاءِ هڪ قدم پوئتي هٽي به پرڏيهي وزير بڻيو آهي. هو جنهن کي ڏسي دنيا جي حڪمرانن کي بينظير ڀٽو ياد اچي ٿي وڃي. هن صورت ۾ هو ٻاهرين دنيا مان امداد ڪٺي ڪرڻ جو رڪارڊ ڇو نه ٿو ٺاهي؟ هو صرف انتونيو گوتريس لاءِ سرخ قالين ڇو ٿو وڇرائي؟ هو آمريڪا ۽ يورپ جي ياترا ڇو نه ٿو ڪري؟

بلاول پاران پرڏيهي ياترا نه ڪرڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته هن کي اها اميد ئي ناهي ته ڪو هن کي ڪٿان امداد ملندي؟ جيڪڏهن هن کي امداد ملڻ جو آسرو هجي ته هو صرف پاڻ نه پر پنهنجي پوري ڪٽنب کي ساڻ وٺي دنيا جو سير ڪري اچي. هن کي ته هن ماحول ۾ خصوصي جهاز به ملي سگهي ٿو. پر هو به ڄاڻي ٿو ۽ اصل حڪمرانن کي به معلوم آهي ته انهن ترن مان تيل نڪري نه ٿو سگهي. ان جو بنيادي سبب صرف اهو ناهي ته پاڪستان جي مٿان عالمي سطح تي عجيب عجيب الزام لڳل آهن. اهي الزام ته ملڪ جي مٿان ان مهل به هئا، جڏهن پرويز مشرف ورديءَ وارو صدر بڻيو ويٺو هو. پر آڪٽوبر ۾ آيل زلزلي سبب مليل امداد جو موجوده امداد سان مقابلو ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهجي.

هن ڀيري پرڏيهي امداد جي حوالي سان انهن ملڪن سڀ کان گهٽ امداد اماڻي آهي، جن ملڪن جي لاءِ پاڪستان وڌيڪ پيڙا ڀوڳي آهي. جن ملڪن جي دوستيءَ تي پاڪستان کي سدائين ناز رهيو آهي، انهن پاران نالي ماتر به مدد نه ملي آهي. چين کان وٺي سعودي عرب تائين پاڪستان جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾جن ملڪن امداد ڏني آهي، ان جا انگ اکر پرڏيهي کاتي وٽ ئي نه پر پاڪستان جي شهرين وٽ به آهن. هن ٻوڏ ۾ مدد لاءِ جيتري امداد يو اي اي مان آئي آهي، اها ٻي ڪنهن ملڪ مان نه آئي آهي ۽ ان جو سبب به اهو آهي ته عرب امارات جي پاڪستان ۾ تمام گهڻي سيڙپ آهي. باقي ته ٻيا ملڪ بلڪل به هٿ ڪڍي ويٺا آهن.

آصف زرداري دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته هن جي دوستيءَ جو دائرو صرف ملڪ تائين محدود ناهي پر پوري دنيا ۾ هن جي دوستن جو تمام وڏو دائرو آهي. هن جي دوستي آمريڪا جي صدر کان وٺي برطانيا جي وزير اعظم تائين آهي. هو جڏهن انگلينڊ جي راڻيءَ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪرڻ لاءِ برٽش ڪائونسليٽ وڃي سگهي ٿو ته هو پرڏيهه وڃي پنهنجن حڪمران دوستن کان پاڪستان جي لاءِ امداد ڇو نه ٿو وٺي؟ جيڪڏهن هن جي اگهائي ايتري آهي جو هو سفر ڪرڻ جهڙو ناهي ته پنهنجي پٽ کي موڪلي، جيڪو پرڏيهي وزير به آهي.

بلاول جي هن ناڪاميءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ هن کي عالمي سطح تي امداد نه ڇو نه ٿي ملي؟ هن کي ڊالر نه ملن. هن کي پائونڊ نه ملن. هن کي ريال نه ملن. پر هن کي استعمال جو مال ته سگهي ٿو. هڪ هوائي جهاز ۾ ڪيترو امداد سامان سمائجي سگهجي ٿو؟ پاڪستان جي پورٽ تي ته امدادي سامان سان ڀريل بحري ٻيڙا لنگرانداز ٿيڻ گهرجن. پر بقول پاڪستان جي پراڻي صحافي ۽ پاور بروڪر ميان مشاهد حسين جي هڪ تاريڪي آهي. اونداهي آهي. هن پنهنجي تازي انٽريو ۾ چيو آهي ته “سرنگهه ۾ آخر ۾ روشني” وارو انگريزي پهاڪو پيش ڪيو ويندو آهي پر هن ڀيري ته پاڪستان جي صورتحال ۾ سرنگهه صفا گگهه اونداهيءَ سان ڀريل آهي.

“ڪاريءَ ڪنڌيءَ تان

ڪنهن جا ٻه ڏيئا

گهنگهور ساگر ۾

ڪنهن لاءِ ڏسن ٿا؟”

ڪٿان ڪائي آسرو ناهي. ڪائي اميد ڪونهي. بقول غالب:

“ڪوئي اميد بر نهين آتي

ڪوئي صورت نظر نهين آتي”

پر اهم سوال اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو آهي؟

ڇا ان جو ڪارڻ اهو ڪوئلن جو ڪاروبار ڪونهي، جنهن ۾ هر اجري لباس واري جا هٿ ڪارا آهن. جنهن ملڪ جي حڪمرانن مٿان ڪرپشن جا ڪيس هلندڙ هجن. جنهن ملڪ جي حڪمرانن جي سڃاڻ ڪرپشن هجي. جنهن ملڪ جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جو اصل سبب ڪرپشن ٻڌايو وڃي. ان ملڪ کي دنيا امداد ڇو ڏيندي؟ اها دنيا جنهن ماضيءَ ۾ هن ملڪ مٿان امداد گهوري گهمائي هجي. اڄ ان جي مٺ بند آهي ته ان جو به ڪو سبب هوندو. ان جو سبب صرف اهو ئي آهي ته پاڪستان جا حڪمران پنهنجي ڪردار سبب رياست کي داغدار ڪري چڪا آهن ۽ انهن حڪمرانن ۾ صرف چونڊيل يا چونڊايل حڪمران شامل ناهن. ڇو ته پاڪستان جا اصل حڪمران ته اهي آهي جن کان اقتدار گهرڻ لاءِ هن ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پاپولر ليڊر به گيسيون ڪري رهيو آهي.

پاڪستان ۾ جنهن جنهن کي جيترو گهڻو پاور مليو آهي، ان اوتري گهڻي ڪرپشن ڪئي آهي. هن تباهيءَ جو ڪارڻ به ته ڪرپشن آهي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جتي جتي وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي، اتي اتي وڌيڪ تباهي آئي آهي. سنڌ ان جو سڀ کان چٽو مثال آهي.

پاڪستان ۾ داخلي تباهي جو سبب به ڪرپشن آهي ۽ پاڪستان جو خارجي برباديءَ جو ڪارڻ به ڪرپشن آهي. ڪرپشن جيڪا حڪمرانن ڪئي آهي. ڪرپشن جنهن جو ڪيتو عوام ڏئي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ اقتدار ڪوئلن جو ڪاروبار آهي. اهي ڪوئلا حڪمرانن جا ته صرف هٿ ڪارا ڪن ٿا پر جڏهن اهي ڪوئلا عوام جي ڪکن مٿان ڪرن ٿا، تڏهن باهيون ڀڙڪائن ٿا.

سرڪش سنڌيءَ ڪيترو سچ لکيو هو:

“جهڳي اسان جي ڪکن پنن جي

نظر به جنهن ۾ دشمنن جي

لڪي لڪي ويا وڪوڙي ويري

ڪکن تي ڪوسي رکي ويا ڪيري

دکي دکي جا ٻري پئي آ

زبان رت سان ڀري پئي آ”