ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ پرائيويٽ ماڻهن کي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽين جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي هيٺ ڪوآپريٽو کاتي جي سيڪريٽري ۽ رجسٽرار کي گهربل معيار تي پورو نه لهندڙن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت کاتي کي صوبي ۾ موجود ڪوآپريٽو سوسائيٽن بابت 20 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته هن وقت مقررٿيل ايڊمنسٽريٽرن جي تعداد ۽ تعليمي قابليت کان به آگاهه ڪيو وڃي، عدالت سوسائٽيز جي سالياني آڊٽ رپورٽ به طلب ڪئي، عدالت ڪوآپريٽو هائوسنگ جي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جا انگ به طلبي ورتا. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته نااهلن کي سوسائٽيز جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ٽيليفون ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ايڊمنسٽريٽر شاهنواز لاشاري جي تعليمي قابليت انٽرآهي،جيڪو عدالت ۾ پنهنجي مقرري جو نوٽيفڪيشن به پڙهي نه سگهيو، عدالت موجب نااهل ماڻهن جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جو مقصد فنڊز ۽ اثاثن تي قبضو ڪرڻ آهي، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.