ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا نازش جهانگير تازو پنهنجي شادي جي حوالي سان گفتگو ڪئي. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت دوران کانئس شادي بابت پڇيو ويو ته هن چيو شادي جو هڪ وقت مقرر آهي ته ان ۾ ئي ڇو ڪيان؟ مان ڇو هٿ پير هڻان، جڏهن ٿيڻي هوندي ٿي ويندي، ڪهڙو منهنجي عمر نڪري رهي آهي يا وارَ اڇا ٿي رهيا آهن. هن ڇوڪرين کي مشورو ڏيندي چيو ته شادي لاءِ ضروري آهي ته توهان جي سامهون واري سان هم آهنگي هجي، ٻئي هڪٻئي کي سمجهي سگهو، تڪڙ ۾ شادي جو فيصلو نه ڪيو.