اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون خميس ڏينهن ٿينديون، مختلف پارٽين جا سربراهه مختلف تڪن تان چونڊ وڙهي رهيا آهن، ن ليگ جو قائد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور 14 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي 3 تڪن تي اميدوار آهي، انهن ٽن تڪن ۾ اين اي 127 لاهور 11، اين اي 194 لاڙڪاڻو1، اين اي 196 قمبر شهدادڪوٽ 1 شامل آهن. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان ۽ اين اي 265 پشين بلوچستان جي تڪ تي اميدوار آهي، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 6 لوئر دير تي چونڊ وڙهي پيو. چيئرمين پختونخوا ملي عوامي پارٽي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 263ڪوئيٽا ۽ اين اي 266 قلعه عبدالله چمن تي اميدوار آهي، استحڪام پارٽي سربراهه جهانگير ترين اين اي 149 ملتان2، اين اي 155 لوڌران2تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، ٽي ايل پي سربراهه سعيد حسين رضوي اين اي 150 اٽڪ2، اين اي 160 بهاولنگر1 تي اميدوار آهي، بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي مينگل) جو چيئرمين اختر مينگل اين اي 256 خضدار، اين اي 261 قلات، مستونگ ۽ اين اي 264 ڪوئيٽا3 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي ان کانسواءِ صوبائي تڪ خضدار3 تان به اميدوار آهي. عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد اين اي 56 راولپنڊي5 تان اميدوار آهي، جمهوري وطن پارٽي سربراهه نوابزاده شاهزين بگٽي اين اي 253 زيارت، صوبائي تڪ پي بي10 تان به چونڊ وڙهندو، نيشنل پارٽي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ قومي تڪ اين اي 259 ڪيچ، گوادر ۽ صوبائي تڪ پي بي 26ڪيچ تان به اميدوار آهي، بلوچستان عوامي پارٽي جو مرڪزي صدر خالد مگسي اين اي 254 جهل مگسي، اي اين پي صدر ايمل ولي اين اي 25 چارسده2، تحريڪ انصاف پارليامينٽرينرز سربراهه پرويز خٽڪ اين اي 33نوشهره، پي ٽي آءِ مرڪزي اڳواڻ گوهر خان اين اي 10 بونير ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول اين اي 248ڪراچي تان چونڊ وڙهي رهيو آهي.