ڪهاڻيون، جن جي پُڄاڻي ناهي….!

0
19
ڪهاڻيون، جن جي پُڄاڻي ناهي....!

 دُنيا ۾ خبرن جي بازار هاڻي ڪافي عرصي کان کان گرم رهندي پئي اچي. اڄ جي ٽاپ نيوز ۾ شام ملڪ جي اڳوڻي بادشاهه بشار الاسد جي ان زال جي ڪهاڻي به شامل آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته، مخالفن لاءِ ‘موت جي ديوي’ ته حامين لاءِ ‘دمشق جو گل’ جي نالي سان مشهور هئي. انهن ڪهاڻين ۾ دمشق جي ان علائقي جي خبري ڪهاڻي به آهي، جنهن ۾ سانئڻ زينب سلام الله عليها جي مزار موجود آهي ۽ اهو علائقو گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان جنگ جو ميدان بڻيل آهي. دنيا جي تيز ترين سپر ڪمپيوٽرن کان کربين ڀيرا تيز گوگل جي چپ، جنهن تي ڪير به ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان ۾ ديني مدرسن جو رجسٽريشن جو تڪرار، جنهن ڳالهه تي مولانا فضل الرحمان ڪافي سالن کان اتحاد ۾ رهندڙ پارٽين کان سخت خفا آهي. انهن ئي خبرن ۾ وري شام جي چونڊ علائقن تي اسرائيل جا حملا، جنهن ۾ سڄي مسلم امت ڄڻ تماشائيءَ جو ڪردار ادا ڪري پئي. انهن نت نين خبرن ۾ پاڪستان جي ڳجهي اداري جي اڳوڻي ‘سپاءِ ماسٽر’ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائيءَ جي دوران چارج شيٽ کي به عالمي خبرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هلندڙ سال جي 12 آگسٽ تي جنرل رٽائرڊ فيض حميد تي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائيءَ جي شروعات ڪئي وئي هئي. هن تي سرڪاري وسيلن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي. انهن سڀني بين الاقوامي ۽ ملڪي خبرن ۾ هِيءَ خبر به شامل آهي ته ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر هالاڻيءَ ۾ حق پرست، سنڌ پرست شاعر استاد غلام رسول ‘ناطق’ گذاري ويو. هالاڻي جو شهر، جنهن جي ٻاهران سال 1782ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي جنگ لڳي هئي. ڪلهوڙن جي فوج ميان عبدالنبيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي اوڀر- اتر ڪنڊ تي پير ولي درويش جي مشهور قبرستان وٽ مقابلي لاءِ اچي منزل انداز ٿي هئي. پير ولي درويش کي ساهتيءَ ۾ عام ماڻهو پير دِلو مشائخ به ڪري چوندا آهن. ٻئي طرف ٽالپورن جي فوج مير فتح علي خان ٽالپور جي اڳواڻي ۾ ‘پريالوءِ’ وٽ اچي ڇانوڻي هنئي. ٻئي فوجون هڪٻئي جي رت جون پياسيون هيون….. جنگ لڳي ڪنهن هارايو ڪنهن کٽيو جي ليکي کانسواءِ نتيجا سنڌ جي تباهيءَ طرف ئي هئا. هن جنگ جي باري ۾ هالاڻيءَ جا ماڻهو چوندا آهن ته، اسان اڄ به ان ميدان مان ماڻهن جون رڙيون ۽ گهوڙن جون هڻڪارون ٻُڌندا آهيون. استاد غلام رسول ناطق ذات جو ڪنبوهه پنجابي هو، پر هن جي سنڌ ديس سان محبت جو داستان به ايترو ئي پراڻو آهي، جيترو هن جي سامهون درياءَ پار موهن جي دڙي جا آثار هجن. جهڙي ريت انهن تاريخي آثارن ۾ لکت اڃا ‘مام’ بڻيل آهي، اهڙيءَ طرح ورهين پڄاڻان منهنجي ڳوٺ جي محمد صادق جو موت به ڳُجهَه جو قصو آهي. هونئن به مسڪينن جو موت هميشه کان معمو ئي رهندو آيو آهي! جڏهن قاتل خلاف ڪو شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه هجي ته اتي قتل گهڻو ڪري ڳُجههُ بڻجي ويندا آهن! محمد صادق جو ڏوهه فقط ايترو هو جو هن پيريءَ ۾ پير پائڻ، ڪمزور جسم سبب مزدوري نه ملڻ ڪري تَرَ ۾ پنڻ شروع ڪيو هو. زال، پنجن جوان جماڻ ڌيئرن ۽ ننڍڙي پٽ جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ سؤلو ته نه هو. پوڙهي صادق جو پنڻ هن جي برادريءَ کي پسند نه آيو. علائقي ۾ اڪثريتي برداري ڪچي پڪي ۾ سوين ڳوٺن ۾ رهندڙ ذات، جنهن جا چور، ڏاميچَ سڏبا هئا. هر لوفر مڙس ماڻهوءَ جو استعارو هو. پهريائين ته پنهنجي سِر پوڙهي صادق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪَيَنِ ته هن جي پنڻ سان برداريءَ جو وقار مجروح پيو ٿئي، نه مُڙڻ تي مرشد کي گهرائي صادق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. محمد صادق جيڪڏهن پني نه ته گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ هو نه مڙيو نه صرف پنڻ نه ڇڏيائين پر مرشد کي منهن تي هنيائين: “مرشد سائين، پني ته تون به ٿو، پنان مان به ٿو….تو ۾ ۽ مون ۾ ڪو فرق ناهي!” محمد صادق جا لفظ ٻڌي مرشد ان وقت ته چپ ڪري ويهي رهيو هو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پوڙهي صادق جو لاش ڳوٺ کان ٻاهران ٻوڙن مان مليو….۽ پوءِ جڏهن “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” هجن ته محمد صادق جهڙن جا قتل مام بڻجي ويندا آهن!

گهڙي کن لاءِ سوچجي ته هن دنيا ۾ ڪنهن جي به زندگي سؤلي طريقي سان نه پئي گذري. يورپ آمريڪا ۾ رهندڙن جا پنهنجا مسئلا آهن. آفريڪا وارن لاءِ پنهنجا ڏچا، ڳالهه جڏهن ننڍي کنڊ جي نڪري ٿي ته پنهنجا عذاب پر جڏهن سنڌ جو معاملو آهي ته ڪجهه ڏهاڪن کان حياتي مشڪل کان ناممڪن طرف وڃي رهي آهي. سچي ڳالهه هي به ته اسان سڀ هڪ اهڙي انساني الميي جو شڪار ٿي رهيا آهيون، جنهن جو ويجهڙائيءَ ۾ ڪو به تدارڪ نظر نه پيو اچي. هڪ اهڙي صورتحال، جنهن ۾ نه مرڻ آسان آهي نه جيئڻ سؤلو….سماج جي بيحسيءَ جون ڪهاڻيون رڳو محمد صادق جهڙن تي پوريون نه ٿيون ٿين پر هر ٻيون ٽيون شخص مسئلن جي ڄار ۾ اهڙو ته ڦاٿل آهي جو ماڻهن هاڻي خودڪشين طرف وڌڻ شروع ڪيو آهي. هر ڏينهن تي ڪنهن وڻ جي لام ۾ يا گهر جي ڪام ۾ ٽنگيل لاشو گهڻيون ڪهاڻيون بيان ڪري ٿو. ائين پيو محسوس ٿئي ته اهو قربانيءَ جو لامتناهي سلسلو آهي.

دنيا جي تاريخ ۾ خاص ڪري مذهبن جي اتهاس ۾ انساني قربانين جو ذڪر ملي ٿو، دنيا جي قديم ترين تهذيب مايا ۾ انساني قربانيءَ جو تصور ايتري تائين اهم هو جو فقط ان ڪري جنگيون وڙهيون وينديون هيون ته انسانن کي حاصل ڪري انهن کي ديوتائن جي اڳيان قربان ڪيو وڃي. هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته اهي ساڳيون شيون اڄ به انساني لاشعور ۾ موجود آهن ته ڪنهن ٻئي جو موت اسان جي حياتيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح جيئن شينهن، واگهه، بگهڙ ۽ ٻيا خطرناڪ جانور پنهنجي جياپي لاءِ ٻين جانورن کي ماري ڇڏيندا آهن. شايد اسان به پنهنجي تصورن ۾ اهو سمجهون ٿا ته ٻين جو موت اسان جي زندگي آهي. ڪو ٽَنگيل انساني جسم ڏسي گهڙي کن ته افسوس ٿئي ٿو پر لاشعوري طور اهو اسان جي تسڪين جو باعث آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ته ضرور تدارڪ ڏانهن رجوع ڪريون ها، پر ائين بلڪل به ناهي.

محمد صادق ته پنڻ جي جرم سبب برداريءَ جي نام نهاد غيرت ۾ ماريو ويو ۽ هن کي قتل ٿيڻو به هو، ڇو جو جنهن سماج ۾ پاڻ لڪي ساههَ کڻون پيا، اُتي پيرن، ميرن، وڏيرن جي گُستاخن کي جيئڻ جو حق ناهي. پر مائي زينا به نه بچي سگهي. خبر ناهي هن جو ڏوهه ڪهڙو هو، 50 سالن جي اڌڙوٽ صبح جو پنهنجي بستري تي نيم مرده حالت ۾ پيل هئي. هن جي اڄ به حالت ساڳي آهي. پاڻ سان ٿيل وارتا ٻُڌائڻ کان معذور مائي زينا جو شمار نه مئلن ۾ آهي نه زندن ۾، بس ساهه آهي سو هوءَ کڻي پئي!

مٿي لکي آيو آهيان ته قديم آمريڪا جي ماڻهن کي جڏهن جنگين ڪرڻ باجود قُربانين لاءِ ماڻهو نه ملندا هئا ته هُو آخر ۾ پنهنجين عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن سميت سماج جي ڪمزور فردن کي قربان ڪرڻ شروع ڪندا هئا. ايتري تائين جو پنهنجي مذهبي پارسائي کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڳچيون وڍڻ شروع ڪندا هئا. هو اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا ته وحشتن کي ڪڏهن به ان ريت سڪون نه ٿو پهچائي سگهجي. اهڙي قسم جي درندگي تيستائين موجود رهندي آهي، جيستائين سڀ ڪجهه ختم نه ٿي وڃي. خبر ناهي پاڻ اها ڳالهه ڪڏهن سمجهنداسين، في الحال ته مُنڍنِ لُڻڻ جي موسم هلي پئي!

بُکَ، بدحالي ۽ جهالت هن معاشري کي هڪ اهڙي نُڪتي تي پهچايو آهي جو رشتن جو احترام پڻ ناپيد ٿيندو پيو وڃي. ان ئي وحشت جو کاڄ ننڍڙي اُميدان به ٿي وئي. هوءَ نه پئي ڄاڻي ته جنهن کي چاچو سڏيندي هئي، هڪ ڏينهن اهو ئي هن جو قاتل ٿيندو. ڇهن سالن جي نينگريءَ کي ڀلا ڪهڙي خبر ته هُوءَ جنهن سماج ۾ جيئي پئي اهو بگهڙن جو معاشرو آهي….۽ هڪ ڏينهن هن جو ٿڌو ٿيل جسم مليو. ننڍڙي اُميدان جي ماءُ، جنهن الائي ڪيتريون اُميدون هن ۾ لاتيون هيون، اها پڻ موت جي تصوير کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جڏهن ته هن جو پيءُ ساهه ته کڻي ٿو پر فقط جيئڻ لاءِ…..جيئڻ لاءِ ته اها نوجوان عورت به جي سگهي پئي پر هن مرڻ کي ترجيح ڏني. شاديءَ جي هڪ سال اندر ئي هن گهر وارن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو هو ته مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ هن جو سهرو هن سان ريپ ڪري ٿو! ڪنهن به هن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو سواءِ ماڻهس جي، جنهن به اهو چئي خاموش ڪرايس ته گهر هلائڻ لاءِ زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو آهي!! هڪ سال اندر هُوءَ ڪيترائي ڀيرا ساهرن سان رُسي پيڪين پهتي، پر وري به ڪجهه ڳالهين کان پوءِ واپس ڪئي وئي. آخري ڀيرو جڏهن مائٽن وٽ پهتي ته رانڀاٽ ڪري سڄي ڳوٺ کي ظلم جو داستان بيان ڪيائين، پر ابتو هن جي مٿان ئي خراب هجڻ جو بهتان مڙهيو ويو. رات جو ساهرا به واپس وٺڻ لاءِ پهتا. خاموش ٿي وئي، صبح تائين مهلت گهريائين. صبح جو هن جي مرڻ جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي. ڪيترائي مٽ مائٽ لاش ڏسڻ لاءِ گهر پهتا. ڦڪو سائو لاش. فصلن کي زهر ڏيندڙ ڦوهاري جي ڌپ ۽ خاموشي…..۽ خاموشيِءَ سان زندگي روان دوان رهي. هڪ ٻئي محمد صادق، زينا ۽ ان جوان عورت جي جسم کي ڳڙڪائڻ لاءِ…..۽ پوءِ جڏهن سماج ۾ وحشتون پنهنجي عروج تي پهچي وڃن ته اُتي لاش عبرت جي اهڃاڻ بجاءِ مسرت جا سبب بڻجندا آهن. اُتي بس وحشت جون ڪهاڻيون هونديون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون، جن جي پُڄاڻي ناهي هوندي.