ڪنھن ڪنھن قرب ناتي، آڪاش کي اُجاڙيو!

0
79
ڪنھن ڪنھن قرب ناتي، آڪاش کي اُجاڙيو!

 مياري موت ۽ اوچتي وڇوڙي سنڌ توڙي ھند جي سمورن پڙھندڙن ۽ چاھيندڙن جي اک آلي ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري عمر ۾ ڀلي اڌڙوٽ پئي لڳو پر پنھنجي تخليق ۾ ھو ھڪ جوان ۽ يگانو ڪردار ٿي نظر آيو, جيڪو ھاڻي اسان کان گھڻو ئي ڏور ھليو ويو آھي. اڄ بدين جي مٽيءَ بي چين بڻجي وئي آھي جنھن جي سُڪون جو سڳو اڄ ٽُٽي ويو. ڊاڪٽر آڪاش ھر ھڪ سان محبت ڪندڙ شخص ھو، جنھن جي وڃڻ سان اڄ اھو ڇورو ٻار جنھن کان سرمائيدار سماج جا ماڻھو نفرت ڪندا هئا، آڪاش انهن نڌڻڪن ماڻهن لاءِ گيت لکيا. انھن جي ڌڻيپ ۽ انھن لاءِ شاعريءَ ڪندڙ سرموڙ شاعر جنھن جي آواز جي بيل بند ٿي وئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو رڳو جسماني وڇوڙو نہ پر سنڌي ادب جو ھڪ خدمتگار ۽ حساس طبيعت جي مقبول شاعر جو وڇوڙو آھي. اھو ھڪ وڏو خال آھي جيڪو شايد ڪڏھن بہ ڀرجي نه سگهي.

                 الله بخش انصاري مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي نالي سان سموري سنڌ ۾ پنھنجي نظمن ۽ غزلن سان پنھنجي مداحن کان بي پناھ محبت ماڻيندڙ سيبتو شاعر ھو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري 25 ڊسمبر 1956ع ۾ ضلعي بدين جي ننڍڙي ڳوٺ ابل وسي ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب نہ رڳو شاعر ھو پر ھو پنھنجي جواني واري دور کان ئي ھڪ متحرڪ قومي ڪارڪن پڻ رھيو.

ڪنھن ڪنھن قرب ناتي، آڪاش کي اُجاڙيو!

ناراض ٿيندو هرڪـو، نالا کــڻان مان ڪــھڙا.

مون ھڪ ڪتاب جي رونمائي تقريب ۾ اھا ڳالھ ڪئي ھئي تہ سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي تقريباً اھي ماڻھو ڪم ڪري رھيا آھن، جيڪي سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نہ بلڪه ھو سائينس ۾ پنھنجي ڊاڪٽر ھجڻ جي ڊگري حاصل ڪري پنھنجي ماءُ ٻولي ۽ سنڌ جي پويتر ڌرتي جي خدمت ڪري رهيا آھن، جنھن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر نويدہ ڪٽپر، ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو وغيره جا نالا سرفهرست آھن. ڊاڪٽر آڪاش جي شاعريءَ ۾ گھڻو رومانس ۽ سنڌ جي مظلوم ۽ بي سهارا عوام جو اھو درد سمايل آھي، جيڪو ڊاڪٽر آڪاش جي لکڻين ۾ محسوس ڪري سگھجي ٿو. لاڙ علائقو اڄ پنھنجي ڪَوي جي ڏک ۾ سوگوار آھي لاڙ پٽ جي ھر گھٽي ۾ اڄ آڪاش جي گيتن  جا پڙاڏا آهن.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري ھڪ ئي وقت شاعر، مقرر، صحافي ۽ ڪارڪن پڻ ھو. ڊاڪٽر صحافتي سفر سال 2002ع ۾ روزاني “سوال” اخبار کان شروع ڪيائين. جنھن ۾ ھو پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ سنڌ جو رومينٽڪ شاعر حسن درس پڻ ايڊيٽر ھو. حسن درس جنھن پنھنجي شاعري ۾ رومانويت پيدا ڪئي، جنھن جي ھر سٽ تي ماڻھو بنگالي جادو وانگي رقص ڪندو آھي. حس درس لکيو آھي تہ؛

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي ھو،

لڙيو پئــي لاڙ تان ســورج، مُھـاڻي ٻــار وانــگي ھــو.

اسان جي سنڌ جو آڪاش ھڪ سورج وانگر ئي ھو جيڪو ھاڻي صرف روحاني اسان سان گڏ ھوندو باقي جسماني ايترو دور ويو آھي جتان اڄ ڏينهن تائين واپس ڪو بہ نہ موٽيو آھي. ڊاڪٽر آڪاش جو شاعري سان شوق بچپن کان ئي گھڻو ھو، شاعري لکڻ ۽ پڙھڻ مڊل ڪلاس کان ئي ڪيائين ڇاڪاڻ تہ سندس والد صاحب وڏو شاعر ھو جنھن جي شفقت ۽ رھنمائي ۾ ھن پنھنجو پاڻ اندر شاعر ھجڻ جي سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي جيڪو اسان سڀني کي مداح ڪري پاڻ ھليو ويو.

تون پڇين ٿو پرين!

مان هليو ڇو ويس؟

جڏهن شام جو جام،

خالي نه هو،

رات رم جهم هُئي،

تنهنجي ساهن جي،

جهيڻن سُرن ۾ سُتل

منهنجي بستر تي

مُنڪر ڪا موسم هئي.

ڊاڪٽر آڪاش صاحب خوبصورت تخليق سنڌ کي ارپي گھڻن موسيقارن جي کيسي جي گرمائش ختم ڪئي، گھڻا اھڙا راڳي جيڪي ڊاڪٽر جي شاعريءَ سان مٽيريئلسٽڪ دنيا ۾ شهرت جي داد حاصل ڪري چڪا آھن. شاعر دنيا جا عظيم تخليقڪار ھوندا آھن جن پنھنجي تخليق ذريعي دنيا ۽ سماج کي متعارف ڪرايو. شاعر جھڙا پنھنجي شاعري ۾ حسين ۽ جميل ھوندا آھن اھڙا ئي وري سموري منظر جي عڪاسي ڪري اُھي پنھنجي شاعري ۾ سلامت رھندا آھن.