حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪنگ سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر پاڪستان ۾ اکين جي نور کان محروم ۽ اکين جي بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ 12 طبي ڪيمپن جو اسپانسر ڪيو. هي ڪيمپ بصر انٽرنيشنل فائونڊيشن جي سهڪار سان الابراهيم آءِ اسپتال ڪراچي جي سهڪار سان لڳايا ويا آهن جنهن جو مقصد انهن ماڻهن کي اکين جي سنڀال جون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ آهي جيڪي علاج جو خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. اهي طبي ڪئمپون خاص طور تي سنڌ صوبي جي ٻهراڙين ۽ شهري علائقن ۾ لڳايون ويون. اهي علائقا آهن جتي اکين جي سنڀال جون خدمتون محدود آهن. هن پروگرام جو بنيادي مقصد اکين سان لاڳاپيل مسئلن کي ابتدائي اسٽيج تي ڳولڻ ۽ علاج ڪرڻ آهي. هن پروگرام تحت 23356 کان وڌيڪ طبي معائنن کان علاوه 1656 کان وڌيڪ سرجريون ۽ 3788 چشمن سان گڏ نظر جي اصلاح لاءِ نسخن جون دوائون پڻ ڏنيون وينديون آهن. اهي ڪيمپ ڪراچي، ماتلي، شڪارپور، ڪنڊيارو ۾ لڳايا ويا جن ۾ انهن علائقن جي رهواسين کي اکين جي خاص سهولتن مان فائدو وٺڻ ۽ انهن جي نظر بحال ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو.