ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارت جي مشهور جاسوس سان سيلفي وٺي سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ڪنگنا پنهنجي ايندڙ فلم تيجس جي مشهوري لاءِ نئين دهلي پهتي آهي. راڄڌاني ويندي ڪنگنا کي جهاز ۾ ڀارتي قومي سلامتي جو صلاحڪار اجيت ڊوول ملي ويو جنهن بعد ڪنگنا اجيت ڊوول سان سيلفيون ڪڍي شيئر ڪري ڇڏيون. اجيت ڊوول کي ڀارتي جيمز بانڊ جي طور تي سڃاتو ويندو آهي. اجيت ڊوول سان تصويرون شيئر ڪندي ڪنگنا لکيو ته قسمت جي مهرباني آهي، اڄ جهاز ۾ مون کي تيجس جي مشهوري ڪندي هيل تائين جي عظيم شخصيت شري اجيت ڊوول سان ويهڻ نصيب ٿيو. ساڻس ملاقات عظيم شگون سمجهان ٿي. فلم تيجس ۾ ڪنگنا رناوت مک ڪردار ادا ڪيو آهي. اها فلم 27 آڪٽوب تي ٿيٽرز ۾ رليز ٿيندي. ٻئي طرف ڪنگنا ڀارت ۾ اسرائلي سفير سان ملاقات ڪري غزه تي حملن جي حمايت ڪئي ۽ سفير کي يادگار پيش ڪيو.