پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) سردار کان بغاوت، ڪنگري لڳ ڪچي جي علائقي ۾ ڪڙيا برادري جي ستن پاڙن جو ڪٺ، سردار کان پڳ واپس ڪري ستن پاڙن جي چڱن مڙسن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. رپورٽ موجب ڪنگري لڳ ڪچي جي ڳوٺ ضمير حسين ڪڙيو ۾ ڪڙيا برادريءَ جي ستن پاڙن جو ڪٺ عنايت الله ڪڙيو جي رھائشگاھ تي ٿي گذريو، جنهن ۾ ڪڙيا برادري جي ستن پاڙن جي  ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪڙيا برادريءَ جي ماڻهن پنهنجي چڱي مڙس سردار غلام شبير ڪڙيو کان بيزاري ظاهر ڪندي کيس اڄ کان پوءِ سردار نه مڃڻ جو فيصلو ڪيو. ان موقعي تي عارباڻي، ڏناڻي، شريفاڻي، جعفراڻي، صادقاڻي، جياڻي ۽ درويشاڻي پاڙن جي ڃڱن مڙسن حبيب الله ڪڙيو، محمد صديق، شاھ بخش، محمد صفر، نثار احمد، علي محمد ۽ عبدالرزاق ڪڙيو تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا برادري جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي. ان موقعي تي چڱن مڙسن جو چوڻ هو ته غلام شبير ڪڙيو مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيو آهي.