ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڄام واهي وٽ انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، پوليس اهلڪار زخمي، پوليس مارجي ويل کي ڌاڙيل قرار ڏيندي مقابلي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، واقعو ڪارنهن تان پيش اچڻ جا چوٻول، خبر موجب انڊس هاءِ وي تي ڄام واهي وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ علي محمد ملڪ ۽ گهوڙگهٽ چوڪي جو پوليس اهلڪار مير دوست جکراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڌڪوٽ اسپتال آندو ويو، جتي علي محمد ملڪ زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس اهلڪار کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس واقعي جي 7 ڪلاڪن بعد مارجي ويل علي محمد ملڪ کي ڌاڙيل قرار ڏيندي مقابلي جي دعويٰ ڪئي، پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ڄام واهي لاڙي وٽ گهر کان ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار کان 3 ڦورن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مير دوست جکراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو علي محمد ملڪ مارجي ويو، ترجمان موجب مارجي ويل علي محمد ملڪ روپوش اشتهاري جوابدار هو، جنهن مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 4 ڪيس داخل ٿيل آهن، هوڏانهن سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او کان معاملي بابت پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته معملو ڪارنهن جو آهي، پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، ذريعن موجب پوليس اهلڪار مير دوست مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن دوران علي محمد ملڪ وچ ۾ اچي ويو ۽ گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، مارجي ويل مبينا ڏوهاري علي محمد ملڪ جو لاش 9 ڪلاڪن بعد وچين ماڻهو معرفت پوليس ڪجهه شرط رکي سندس سئوٽ ربنواز ملڪ حوالي ڪيو، جيڪو مڙهه اباڻي ڳوٺ کڻائي ويو، پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل مبينا ڏوهاري جي سئوٽ ميڊيا کي ڪو به موقف نه ڏنو ۽ خاموش رهيو.