ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ خيرشاھه واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ڊرون حملو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ مبينا ڏوهاري رحيم داد مهمداڻي جو 15 سالن جو نينگر پٽ بخش علي مهمداڻي مارجي ويو. ذريعن موجب گذريل رات دير سان خير شاهه واري علائقي ۾ مبينا ڏوهاري رحيم داد مهمداڻي جي گهر مٿان پوليس مبينا ڪارروائي ڪندي ڊرون ذريعي حملو ڪيو. ذريعن موجب ڊرون حملي جو آواز پري پري تائين ڦهليو ۽ علائقي ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو. ذريعن موجب مبينا ڏوهاري رحيم داد مهمداڻي مٿان مختلف ڌرين سان هلندڙ خوني تڪرار جا ڪيس داخل ٿيل آهن. هوڏانهن اهڙي پوليس جي گمنام ڪارروائي بابت علائقي واسين کان معلومات وٺڻ تي هنن ٻڌايو ته خبر نه پئي ته پوليس ڪهڙي مهل علائقي ۾ آئي ۽ ڪهڙي پوليس ڪارروائي ڪئي ڪابه ڄاڻ نه ملي. جڏهن ته پوليس جي اهڙي مبينا ڪارروائي بابت ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي، پر ايس ايس پي پاران ڪوبه موقف سامهون نه اچي سگهيو. جڏهن پوليس جي مبينا ڪارروائي تي مارجي ويل نينگر بخش علي مهمداڻي جي معاملي تي پوليس ترجمان پاران ڪابه پريس رليز جاري نه ڪئي وئي.