ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ رسالدار ٿاڻي جي حد شيخ برادري جي معزز شخصيت ننڊو شيخ کي ڳوٺ کان ڪنڌڪوٽ ايندي رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڪار تي فائرنگ دوران 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي شيخ برادري جي ماڻهن پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول نندو شيخ جي ڀاءُ علي دوست شيخ موجب اسان جي معزز شخصيت نندو شيخ کي قاتلن ناحق قتل ڪيو آهي،نندو شيخ علائقي ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو، جيڪا تر جي ماڻهن کي ڳالهه پسند نه هئي، هن چيو ته منهنجي ڀاءُ کي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.