ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٿاڻي کان چند قدمن وٽ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري مزدا ڊرائيور محمود لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو، وچ شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو واقعي ٿيڻ سبب خوف پکڙجي ويو، مقامي ماڻھن مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب ته لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھو، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي، مقتول جا وارث ايندا ته قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.