ڪراچي/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪشمور بعد ڪنڌڪوٽ ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو، پوليس گردي، ڌرڻو ڦٽائڻ جي ڪوشش، ڇرين ۽ ڏنڊن سان حملو، فائرنگ، 8 ڄڻا رتو رت، مڇريل ماڻهن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، ٻيهر ڌرڻو لڳي ويو، حمايت ۾ سنڌ جي 40 شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وندن جا مظاهرا، ريليون، روڊ بند، رپورٽ موجب ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد ڪالهه ڪنڌڪوٽ جي انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سينيئر وڪيل سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي جي سربراهي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي، مذهبي تنظيمن، قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻ ۽ ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ پهچي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، جتي هنن نازيا کوسو، ڪوثر کوسو، ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو، ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون ۽ انڊس هاءِ وي بلاڪ ٿي ويو، ڌرڻي جي 4 ڪلاڪن بعد پوليس احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي ۽ لٺبازي ڪري ڏني، جنهن ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جيوڻ سبزوئي، گل خان جکراڻي ۽ سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي جو پٽ اويس بجاراڻي سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، لٺبازي دوران مڇريل ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جڏهن ته پوليس هوائي فائرنگ به ڪئي ۽ هڪ اهلڪار عمران هٿ ۾ خنجر کڻي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جي ڪڍ پيو ۽ بعد ۾ هو کسڪي ويو، اهلڪار جي هٿ ۾ چاقو هجڻ جي وڊيو وائرل پڻ ٿي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو جاري هو، هوڏانهن ڪراچي ۾ ڌرڻي تي لٺبازي ۽ مغوي بازياب نه ٿيڻ خلاف ٽي تلوار وٽ سول سوسائٽي پاران مرڪ منان، ايڊووڪيٽ خليل شاهه، ماجد گبول، درشن سچديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪيو، حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران مغوين جي بازيابي توڙي ڌاڙيل راڄ خلاف نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار پاران رفيق ابڙو، امان الله لهر، جاويد بليدي، اجمير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جسقم ۽ جساف طرفان اطهر سومرو، عزيز الرحمان شيخ، فراز کهاوڙ، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ جسقم پاران طارق سمون، هاشم لغاري، ڪاشف لاکو، حنان عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ محمد خان مري، لالا اظھر پٺاڻ، عبيد بنگلاڻي، واجد لغاري ۽ نويد عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين احتجاج ڪيو، شھدادڪوٽ ۾ وڪيلن عبدالوحيد ڀٽي، شفيع محمد کوسو، محمد يوسف مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، قمبر ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شھرين عبدالوهاب گوپانگ، سميع تنيو، نجيب مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٺٽي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران مظھر راھوجو، شبير ڀٽي، ناھيد جوڳي، راول ڪرناڻي، ياسر جاکرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، بدين ۾ جماعت اسلامي پاران فتح محمد کوسو ۽ الھبچايو ھاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾ جسقم ڪارڪنن منصور جمالي، نبي بخش هاليپوٽو، اياز جمالي ۽ ڪبير پنهور جي اڳواڻي ۾ڌرڻو هنيو، ڪشمور ۾ تعلقي بار جي وڪيلن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن عبدالرئوف کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ زاھد گھلو، آغا فھد خان، ظفر علي چنا ۽ امداد سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڪيمپ قائم ڪري ورتي، گھوٽڪي ۾ جسقم اڳواڻ حبيب الله گھوٽو وھاب سھتو، ڪامريڊ اڪرم ٿهيم، خادم حسين گڏاڻي ۽ ٻين ريلي ڪڍي، نوشهروفيروز ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران فيصل مستوئي، فريد لاشاري، عزيز ڀنگوار ۽ ٻين احتجاج ڪيو، قاضي احمد ۾ جسقم پاران مسعود شاهه، الھه رکيو ڪلھوڙو، فقير حڪيم ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ٽنڊو آدم ۾ ايس يو پي ۽ جماعت اسلامي پاران ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، ٺل ۾ مختلف سياسي پارٽين محبوب سومرو، جمال جوش ٻرڙو، عبدالرزاق سرواڻ لاشاري، رميش لعل، ڊاڪٽر شنڪر لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قومي عوامي تحريڪ پاران فريد جعفري، اعجاز ڪنراڻي، عطا سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سڪرنڊ ۾ جسقم پاران برڪت جلباڻي، موجن زئونر، قربان ٻنڀ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، منهڙو ۾ جسقم پاران اعجاز ٻوڙاڻو، منتظر وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سٺ ميل ۾ جسقم، ھندو برادري ۽ شھري تنظيم پاران شعبان ماٽي، محبوب خاصخيلي منتظر وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، راڻيپور ۾ وائس آف راڻيپور ۽ يونائيٽڊ لائيرس اينڊ سول سوسائٽي فورم پاران قومي شاهراهه تي ڪئمپ قائم ڪري ڊاڪٽر نذير کوکر، شاھد ڄامڙو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ڪنڊيارو ۾ جسقم طرفان هارون ڪلهوڙو، سلطان گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، دولتپور صفن ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ شھرين پاران نظير ڏاهري ، اياز پيرزادو، فقير حڪيم لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ڀٽ شاهه ۾ جسقم پاران هٿن ۾ زنجير ۽ اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو، ڪوٽ غلام محمد ۾ آصف خاصخيلي، کيم چند لوھاڻو، ساجن ڪمار، لڇمڻ داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڊگھڙي ۾ شهرين انور نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، عبدالمجيد ٻگهيو، شوڪت نوحاڻي ۽ نثار ڀرڳڙي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو، جهڏو ۾ جسقم پاران نياز کوسو، عباس کوسو، مدن لال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، تنگواڻي ۾ ڌرڻي تي لٺبازي خلاف مختلف مذهبي، قومپرست، سياسي سماجي ڪارڪن توڙي شهرين روڊن تي نڪري قاري ڪفايت الله کوسو، شربت نندواڻي، ربڏنو ملڪ، رحمدل لاشاري، سبز علي باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽرمنل تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري بلوچستان، سوئي، ٺل ۽ جيڪب آباد ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وارهه ۾ سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن ۽ دڪاندار اتحاد طرفان ڌرڻي تي لٺبازي خلاف سرتاج چانڊيو، پنهل عباسي، غفار ميرجت جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڏوڪري ۾ ايس يو پي پاران صابر جروار، رڪ سنڌي، محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سماج سجاڳ نوجوان اتحاد طرفان مغوين جي بازيابي لاءِ جاويد جمالي، ظفر علي ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ بلوچستان دنگ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، ڇور ۾ ڪامريڊ رميش ديشي، امير نھڙي، رحمان گل، ساجن، جاويد انڙ، ڊاڪٽر دليپ ۽ آرزو آصف جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاج ڪيو، ٽنڊوباگو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران گل حسن چانڊيو، وزير پٺاڻ ۽ بلاول پٺاڻ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تلهار ۾ پاڪستان ڪولهي اتحاد ۽ سول سوسائٽي طرفان کيراج مل، رازو مڪواڻو ۽ ويرو مل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، نئون ڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ ڪارڪنن حيدر ڀٽي، شاهد ڪلوئي، امرت ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڇاڇرو ۾ انڊس ريفارمرس طرفان ياسر جنجهي، منظور ڪنڀر، اعجاز نهڙيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ۾ ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، واپاري ايسوسئيشن، سياسي سماجي اتحاد، صحافين، ٺاڪر اتحاد، ڪولھي اتحاد، چارڻ اتحاد ۽ شهرين ونود اداسي، بشم ڪمار آزاد، امين نظاماڻي، عاشق ٽالپر، ليلارام نارواڻي، شام ۽ ڪمار پھلاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل پرامن ڌرڻي مٿان پوليس لٺبازي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد ڌرتي ڌڻي پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن جن مٿان به لٺيون وسايون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرائي پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن کي هٽايو وڃي.