ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بڙدي موڙ وٽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ علي رضا شاهه جي گاڏي جو نينگر کي ٽڪر. گهران ٻاهر نڪرندڙ نينگر طفيل احمد چنه کي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ٽڪر هنيو، جنهن سبب نينگر زخمي ٿي پيو. زخمي نينگر کي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو. جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر کي علاج ڏئي گهر طرف روانو ڪري ڇڏيو. نينگر جي ٿيندڙ علاج وقت اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ علي رضا شاهه ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ موجود هو. ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد هيلٿ ڪيئر ڪميشمن جي عملدارن جي گاڏي ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. ٽڪر سبب رڪشا ڪلٽي ٿي پئي.هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي گاڏي سان ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا سوار 2 ڄڻا هدايت بهلڪاڻي ۽ جمال الدين ڏاهاڻي زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي زخمين کي طبي علاج ڏيڻ بعد گهرن طرف روانو ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.