ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اعواڻ مارڪيٽ ۾ چانورن جو ڪاروبار ڪندڙ واپاري سروپ ڪمار عرف مڪيش ڪمار کان ڏوهارين پاران موبائل فون تي هڪ ڪروڙ ڀتو طلب ڪيو، واپاري پاران ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته واپاري سروپ ڪمار عرف مڪيش ڪمار جي دڪان مٿان موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر واپاري سروپ ڪمار عرف مڪيش ڪمار جو چوڻ هو ته مون کان نامعلوم ڏوهاري موبائل فون ذريعي تنگ ڪندو رهندو هو ته 1 ڪروڙ ڀتو ڏيو مون ان کي صاف انڪار ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀتو نه ڏينداسين جنهن بعد منهنجي دڪان مٿان نامعلوم موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هن چيو ته پوليس اسان کي ڪنهن به قسم جو تحفظ نه ڏئي رهي آهي، پورو شهر ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهي اسان جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن، اسين پاڻ کي ڪنڌڪوٽ شهر ۾ غير محفوظ سمجهي رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي مڪمل تحفظ ڏئي سڪون سان رهڻ ڏنو وڃي. هوڏانهن حد جي پوليس جو چوڻ هو ته هندو واپاري مڪيش ڪمار اسان کي اطلاع ناهي ڪيو ته هن کي ڏوهارين پاران ڀتي لاءِ تنگ ڪيو ويو پوليس جو چوڻ هو ته اسان کي جئين ئي خبر پئي ته دڪان مٿان فائرنگ ٿي آهي ته اسين پوليس اٽالا ساڻ ڪري پهتاسين هن چيو ته واپاري مڪيش ڪمار کي پوليس تحفظ فراهم ڪندي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ شهر ۾ هر آئي ڏينهن ڪاروباري ماڻهن جي دڪانن ۽ گهرن مٿان فائرنگ ڪري هنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ هندو واپارين کي لکين ڪروڙين رپيا ڏوهاري ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ موبائل فون ذريعي تنگ ڪندا رهن ٿا، بدامني سبب ڪنڌڪوٽ شهر مان ڪيترائي هندو خاندان توڙي مسلمان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.