ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اناج منڊي جي مين گيٽ اڳيان ٻج ڀاڻ جي دڪاندار ھندو واپاري کان ڏوھارين ڀتو گھريو، جيڪو نه ڏيڻ تي ھٿياربندن ھڪ مھينو اڳ دڪان تي فائرنگ ڪري 20 ورهين جي انيش ڪمار لنڊ کي زخمي ڪيو هو، زخمي کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ مهينو داخل هجڻ بعد نوجوان دم ڏئي ڇڏيو آهي، نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ھولي جون خوشيون ماتم تبديل ٿي ويون آهن، ذريعن موجب ڏوھارين جي خوف سبب قتل ٿيل نوجوان انيش ڪمار ۽ وارث ڪراچي لڏي ويا هئا، گولي لڳڻ واري واقعي کان اڳ نوجوان واپس ڪاروبار ڏسڻ آيو ھو.