ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مسڻ موڙ تي موبل آيل جي دڪان تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب دڪان مالڪ صحافي حضور بخش منگي جو نوجوان ڀائيٽيو دانش منگي پٽ محمد صادق منگي ۽ پورھيت نوجوان سومر سبزوئي قتل ٿي ويا،  ٻنهي نوجوانن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، منگي ڌر جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصو اڳ ڳوٺ گوليمار ۾ چور داخل ٿيا، هڪ جوابدار مارجڻ جو اسان تي الزام لڳايو ويو ھو، جنهن بعد اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي،هوڏانهن  پوليس جو چوڻ هو ته واقعو پراڻي خوني تڪرار سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته ذريعن موجب منگي برادري چور مارجڻ بعد چاچڙ برادري ڏي معززين جا ميڙ منٿ قافلا موڪليا ھيا پر معاملو ختم ڪرڻ بدران خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو.