ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ متو چاچڙ ۾ سوزوڪي وين ۾ سوار 9 ماسترياڻين ۽ ڊرائيور سميت 3 استادن کي ٽي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن يرغمال بڻائي ماسترياڻين سان بدتميزي ڪندي استادن مٿان تشدد ڪرڻ بعد موبائل فونون، پرس، هڪ لک کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي بعد پوليس پهچي معلومات وٺڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. ان حوالي سان متاثر ماسترياڻين ۽ مرد استادن شعيب احمد، استاد عبدالسميع گجراڻي، ماهره ملڪ ۽ ٻين چيو ته ڏوهارين اسان نياڻين کان ڦرلٽ ڪري بدتميزي ڪري اسان جو جيءَ جهوري وڌو آهي،ڦرلٽ دوران استادن تي تشدد به ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان ڳوٺ جي 300 شاگردن کي پڙهائي رهيا آهيون، ڦرلٽ ۽ تشدد سبب خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون،ٻي طرف سي آءِ اي انچارج سڪندر علي پنهور جو چوڻ هو ته ڦر واقعي جو اطلاع ملڻ بعد علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، ڪارروائيون ڪيون پيا جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو،هوڏانهن ڦر واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ئي روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز رپورٽر عمران علي کوسو ۽ ڪئميرامين اظهر سنجراڻي ڪوريج لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثي دوران زخمي ٿي پيا، زخمي حالت ۾ به واقعي واري هنڌ پهچي رپورٽنگ ڪئي وئي.