ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي ڊاٽسن تي فائرنگ: ڊرائيور قتل: لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

0
18
ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي ڊاٽسن تي فائرنگ: ڊرائيور قتل: لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي ڊاٽسن تي فائرنگ: ڊرائيور قتل: لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي زور ڳڙهه ويجھو هٿياربند ڊاٽسن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نه بيهارڻ تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب نوجوان ڊرائيور وقار بنگوار قتل ٿي ويو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف وارثن طرفان نوجوان جو لاش رکي انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ ڌرڻو هنيو، مقتول جي وارث دولت بنگوار، سومر بنگوار، شوروم يونين اڳواڻ اشفاق مري، شاھنواز مرھيٽو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب واقعو پيش آيو آهي، عوام غيرمحفوظ بڻيل آهي، هٿياربند سرعام فائرنگ ڪن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او ڌرڻي ۾ اچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، پوليس 10 ڏينهن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.