ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ھندو دڪاندار سرگن ڪمار کي سندس ئي مزدور اسماعيل سبزوئي قينچي جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو،واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمي جي ڀاءُ ڪرتار لال جي فرياد تي مک جوابدار اسماعيل سبزوئي سميت 5 ڄڻن خلاف ارادائي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان زخمي دڪاندار جي ڀاءُ ڪرتار لال جو چوڻ هو ته ڀتو نه ڏيڻ تان سبزوئي ڌر جي 5 ڄڻن تيز ڌار اوزار سان حملو ڪري منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جوابدار گهر خالي ڪري فرار آهي، ڀتي واري ڳالهه ڪوڙي آهي: پوليس

ڪنڌڪوٽ: ايس ايچ او اي سيڪشن محمد صادق عباسي موجب  5 ڄڻن خلاف ارادي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڳوٺ رمضان سبزوئي ۾ ڪارروائي ڪئي، جوابدار فرار ٿي ويا، دڪاندار کي زخمي ڪندڙ جوابدار اسماعيل سبروئي مزدور آهي، هن چيو ته ڀتي واري ڳالهه ڪوڙ آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.