ڪنڌڪوٽ ۾ مهمداڻي_بنگوار تڪرار جي آڙ ۾ پورهيت گوليون هڻي قتل: لاش رکي ڌرڻو

0
24
ڪنڌڪوٽ ۾ مهمداڻي_بنگوار تڪرار جي آڙ ۾ پورهيت گوليون هڻي قتل: لاش رکي ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ ۾ مهمداڻي_بنگوار تڪرار جي آڙ ۾ پورهيت گوليون هڻي قتل: لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ/بخشاپور (نمائندن وٽان)ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري رڪشا ريڙھو هلائيندڙ پورهيت عبدالغفار  بنگوار کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اطلاعن موجب نوجوان کي مهمداڻي_بنگوار ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻي طرف مقتول پورهيت ڳوٺ احمد علي بنگوار واسي عبدالغفار بنگوار جو لاش وارثن انڊس هاءِ وي  ڇڻڪو ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ رکي ڌرڻو هنيو، مقتول جي وارثن رحيم داد، ڊرائيور دينو، مرزان بنگوار  دانهيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، نوجوان ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا هلائي گهر جو گزر سفر ڪندو هو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻن ڪلاڪن بعد پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.