ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل صحافي حضور بخش منگي جي ڀائيٽيو نوجوان دانش منگي ۽ پورھيت سومر سبزوئي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، دانش منگي جي جنازي نماز گوليمار ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ تيغو خان تيغاڻي، لياقت خان ملڪ، عرض محمد چاچڙ، عبدالغني سندراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.جنازي نماز بعد مقتولن جا لاش مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري  سگهي آهي،  هوڏانهن چاچڙ برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان سومر سبزوئي جي وارثن وٽ چاچڙ ڌر طرفان قران پاڪ سيد نياڻيون ميڙ ڪري مارجي ويل نينگر سومر سبزوئي جي تڏي تي پھتا.ان موقعي تي چاچڙ ڌر جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان کان غلطي ۾ سومر سبزوئي مارجي ويو جيئن چئو ھر ڏنڊ چٽي ڀري ڏيڻ لاءِ تيارآھيون.نوجوان غلطي ۾ مارجي ويو معافي لاءِ ميڙ ڪري آيا آھيون معافي ڏيو.جڏهن ته سبزوئي برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان جي نينگر کي ناحق بيگناھ قتل ڪري ظلم ڪيو ويو اسان جھيڙو نٿا چاھيون پھريون ڏينھن آھي، صلاح ڪري سٺي موٽ ڏينداسين.