ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو ظريت بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاهاڻي، سريش آنند ڀوڄواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي ڪشمور  ۾ درجن کان وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن. ڌاڙيل مغوين جا وڊيوز ڀري تشدد ڪري وارثن ڏانهن ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ موڪلي رهيا آهن. هن وقت نجي بئنڪ جا 5 ملازم الطاف گولو، محمد عالم گولو، فرمان لانگاهه، گلاب ڏاهاڻي، شاهنواز نصيراڻي، لياقت شيخ سميت درجن کان وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن وٽ آهن، سندن بازيابي لاءِ ڪچي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن ڪو به رزلٽ ناهي ڏئي سگهيو. هنن جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن جي ظلم کي روڪڻ ۽ انهن جي خاتمي لاءِ پوليس جو ڪردار سواليا نشان آهي. بئنڪ ملازمن سميت سڀني مغوين کي بازياب ڪرائي ضلعي ۾ امن  امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي.