تفصيل: نينگري پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي ۽ سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ ڌرڻا جاري آهن
پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪئي آهي، لٺبازي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي جي پٽ اويس بجاراڻي، جيوڻ سبزوئي ۽ گل خان جکراڻي سميت ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا آهن
ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن پاران به جوابي لٺبازي شروع ڪرڻ بعد پوليس اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته ٽائيم نيوز کي هٿ آيل وڊيو ۾ اهلڪارن کي هٿن ۾ خنجر کنيل نظر اچي رهيا آهن
مظاهرين ٻيهر شاميانا لڳائي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين چيو آهي ته سمورا مغوي بازياب ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو
ان کان اڳ جا تفصيل
پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ، ٺٽو، وارهه، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ نوان ڌرڻا شروع ٿي ويا آهن ۽ هن ڀيري ڌرڻن ۾ وڪيل برادري جو وڏو انگ شامل آهي
سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري آهي، وڪيل، سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ شهري ڪنڌڪوٽ مان انڊس هاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ بعد انڊس هاءِ وي تي شاميانا لڳائي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن
پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين چيو آهي ته سمورا مغوي بازياب ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، ڪشمور وارو ڌرڻو ختم ٿيڻ تي ڏک ٿيو
ٺٽي ويجهو مڪلي باءِ پاس وٽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي به پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن سميت عورتن به وڏي انگ شرڪت ڪئي آهي، جڏهن ته ڌرڻو لڳڻ بعد پوليس اٽالا پهچي ويا، مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جون اپيلون ڪيون ويون آهن
وارهه ۾ به فاضل راهو چوڪ تي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ لڳل ڌرڻي ۾سياسي سماجي تنظيمن، اديبن، لکارين، هندو پنچائت جي اڳواڻن، دوڪاندار اتحاد جي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي آهي
تلهار ۾ به مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻو لڳي ويو، مظاهرين پاران بڙ چوڪ کان بدين حيدرآباد روڊ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي
جروار ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ استاد ۽ شاگرد به روڊن تي نڪري آيا، حيات پتافي چوڪ کان جروار پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
هي به پڙهندا
مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنڌڪوٽ، ٺٽو، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ نوان ڌرڻا
امجد شيخ جا ڪنڌڪوٽ ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي بعد مظاهرين تي سنگين الزام