ڪنڌڪوٽ/غوثپور(نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ پوليس مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، ڪار ليفٽر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، جمال ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پاران مبينا مقابلو ڪيو،ذريعن موجب ڳوٺ ڪريم خان ۾ ڪارروائي دوران فائرنگ ۾ رفيق الله شيخ مارجي ويو ۽ پوليس هڪ ڄڻي کي کنڀي کڻي وئي،پوليس ذريعن موجب مارجي ويل نوجوان رفيق الله شيخ جي والد عمر شيخ کي پوليس کڻي وئي آهي،هوڏانهن عبدالحڪيم، شمن، مسمات واجل شيخ جو چوڻ هو ته پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ اسان جي نوجوان رفيق الله شيخ کي قتل ڪيو آهي، اسان جي ٻئين گهر جي فرد فاروق شيخ کي پوليس کنڀي کڻي وئي آهي، خوف آهي ته ان کي به قتل ڪيو ويندو،هنن چيو ته پوليس صبح سوير جو اسان جي گهر مٿان چڙهائي ڪري ظلم ڪيو آهي،عمر شيخ سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي، اسان جي نوجوان رفيق الله شيخ کي پوليس عمر شيخ جو پٽ ظاهر ڪري رهي آهي، جيڪو ڪوڙ آهي.پوليس رفيق الله شيخ کي قتل ڪري سندس والد فاروق شيخ کي کنڀي کڻي وئي آهي. هنن چيو ته پوليس ڳوٺ مان 4 ڄڻن کي کڻي وئي آهي، ٻئي پاسي جمال ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايچ او شير علي سبزوئي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع ڪرڻ بنا حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن جي پوليس پاران شيخ برادري جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سرچ شروع ڪري ڏنو، جنھن دوران شيخ برادري جو ھڪ ڄڻو فائرنگ ۾ مارجي ويو آھي ڪجھه ڳوٺاڻن کي پوليس پاران گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.