سجاول (رپورٽر) مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنڌ ڪوٽ جي ڌرڻي ۾ پوليس جي لاٺي چارج خلاف ۽ سجاول ۾ هندو برادري ۽ سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آئي، رات دير سان پبلڪ پارڪ اڳيان مين نيشنل هاءِ وي تي سجاول_ٺٽو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين پاران ايس ايس پي سجاول خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ هندو پنچائت سجاول جي صدر ڊاڪٽر هوتچند، ايس ٽي پي جي گل حسن رند، اميرالبحر اڳواڻ آڪاش ٻاگهل، صوفي سنگت جي سلطان کوسو، اياز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته معصوم پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ لاء پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي لاٺي چارج جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته اڄوڪي رات ۾ سمورا مغوي بازياب نه ٿيا به اڄ ڏينهن جو اسان سجاول برانچ موري وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻنداسين.