ڪنڌڪوٽ ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي باقراڻي واسي پورهيت اغوا

0
31
ڪنڌڪوٽ ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي باقراڻي واسي پورهيت اغوا
ڪنڌڪوٽ ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي باقراڻي واسي پورهيت اغوا

باقراڻي(ن پ ا) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ڳڙهي الھه ورايو تنيو واسي 50ورهين جو پورهيت لاهوتي رستم علي تنيو عورتاڻي آواز ۾ هرکجي ڪنڌڪوٽ واري علائقي مان اغوا ٿي ويو،  ڌاڙيلن وارثن کي اڻڄاتل موبائيل نمبر تان فون ڪري 70 لک رپيا ڀنگ جي رقم ۽ ٻه اسمارٽ موبائل فونون طلب ڪيون آهن، ان حوالي سان مغوي پورهيت جي پٽ عبدالمصور تنيو  پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته والد عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو آهي، 70 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، ٻي صورت ۾ کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، هنن چيو ته غريب آهيون، پورهيت کي بازياب ڪرايو وڃي.