ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڳوٺ جلال الدين ساوند جو رھواسي نوجوان شھر مان عيد خريداري ڪري واپس ڳوٺ ويندي پوليس ٿاڻي گھوڙاگھٽ جي حد ۾ ھٿياربندن گوليون هڻي نوجوان زبير ساوند قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي ساوند برادري جي ماڻھن ۽ پوليس نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏھن ته ساوند_سندراڻي خوني تڪرار جو نبيرو سردار علي گوھر مھر وٺ ٿيو، جنهن ۾ 29 ڄڻا ٻنھي ڌرين جا قتل ٿيا انھي جرڳي بعد ٺاھه جي ڀڃڪڙي ڪندي گھوٽڪي ۾ سندراڻي ڌر جو قتل ڪيو ويو، جنهن جو به نبيرو ٿيو ساوندن اڍائي ڪروڙ رپيا ڀڃڪڙي جو ڏنڊ ڏنو ھو، اڄ ٻيھر ٺاھه جي ڀڃڪڙي ڪندي ھٿياربندن نوجوان زبير ساوند کي قتل ڪيو.