ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ برڪت سندراڻي قتل ٿي ويو، ٽي ڄڻا ماجد، ڪاشد ۽ ڀائي خان سندراڻي زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٻي طرف پوليس موجب جهيڙو زميني معاملي تي چاچن ڀائيٽن وچ ۾ ٿيو آهي، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته سول اسپتال ۾ مارجي ويل نوجوان ۽ زخمين جي وارثن ڪوبه موقف نه ڏنو.