ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران گھنٽا گھر چوڪ تي ٻئين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ جاري رکي وئي، اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، حضور بخش مغل، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، والي ڏنو، اشوڪ ڪمار، اصغر شيخ ۽ ٻين چيو ته ھر واپاري کان ڏوھارين پاران ڀتو گهري رهيا آهن، انيش ڪمار، آدم شيخ، ظھور مرھيٽو ۽ ٻيا به بيگناھه قتل ڪيا ويا، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن امان قائم ڪرايو وڃي.