ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جو 2 ڍورن جي واپارين مهيم پٽ حاجي دوست محمد، حاجي عبدالغني پٽ شمس الدين بهلڪاڻي کان 10 لک موبائيل فون ڦر ڪري ويا، ٻنهي ڄڻن جي مزاحمت تي هٿياربندن ٻنهي کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.وارثن ٻنهي زخمين کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ٻنهي زخمين جو علاج ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ علاج بعد گهر روانو ڪيو ويو.ٻئين واپاري لاهور ڍور وڪرو ڪري ڪنڌڪوٽ گهر طرف اچي رهيا هئا ته کين ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪالٽيڪس باءِ پاس وٽ ڦر ڪيو ويو.آخري اطلاعن تائي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.