ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ امن و امان جي بحالي لاءِ ڪنڌڪوٽ واسين اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکيو! ان موقعي تي ايم اين اي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سان اڳواڻن ملاقات ڪئي. ايم اين اي ڪشمور ڪنڌڪوٽ علي جان خان مزاري اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج تي ويٺل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري. ايم اين اي علي جان خان مزاري، ميهان خان بگٽي سان گڏ بلوچستان هائوس پهچي ڌرڻي ۾ شريڪ وفد جي اڳواڻن ڊاڪٽر مهر چند، شهمور خان بنگوار، عبدالعزيز سومرو، بقا بنگوار، غلام الرسول ملڪ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري امن و امان جي بحالي جو يقين ڏياريو.