ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ عيدگاه محلي ۾ نامعلوم چور خانگي اسڪول جون 10 سولر پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، جڏهن ته استادن ۽ شاگردن اسڪول بند ڪري ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ چوري ٿيل سولر پليٽو واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي.