ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي غريب  آباد محلي جي رهواسين جي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، لاش جي سڃاڻپ گلشير محلا واسي سعدالله سميجو طور ٿي، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي ته نوجوان نشو واپرائيندو هو، جنهن سبب نوجوان جو موت واقع ٿيو آهي، وڌيڪ معلومات وٺي رهيا آهيون.نعمت الله جو چوڻ هو ته غريب آبادي محلي ۾ ماڻهو نشو ڪندا آهن، پوليس خاموش آهي.