ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) بڊاڻي مان 6 مهينا اڳ کنڀيل ايس يو پي اڳواڻ استاد مظهر چاچڙ سميت قومي ڪارڪنن جي آزادي، ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ ۽ خوني جهيڙا ختم ڪرائڻ  لاءِ زين شاهه، روشن ٻرڙو، آغا قمر، دلمراد ڏاهاڻي، شاهنواز ڏاهاڻي، الطاف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت رياست کي قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي هر روز قومي ڪارڪنن کنڀجي رهيا آهن، هنن جو ڏوهه صرف اهو آهي جو هو پنهنجي سنڌ ڌرتي لاءِ آواز اٿارين ٿا ۽ هر ظلم خلاف جدوجهد ڪن ٿا، جيڪا سنڌ حڪومت کي پسند ناهي. هنن چيو ته 6 مهينن کان ايس يو پي بڊاڻي جو اڳواڻ مظهر چاچڙ کنڀيل آهي، جيڪڏهن هنن خلاف ڪا ثابتي آهي ته مٿس ڪيس داخل ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.ايس يو پي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڌارين کي آباد ڪري پئي ۽ سنڌي عوام جا اجها ڊاهي رهي آهي سنڌ مان ڌارين کي بنا دير نيڪالي ڏئي سنڌي قوم ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.سنڌ ۾ خوني جهيڙا هلن پيا، جن ۾ هزارين خاندان اجڙي ويا آهن، سردار سچا ٿين ٿا، خوني جهيڙا ٿين ئي نه خوني جهيڙن ۾ هڪ سردارن جو فائدو آهي ٻيو فائدو پوليس جو آهي ٻئين سنڌي قوم کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اسان جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو . جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي اصغر علي شاهه ايس يو پي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ بعد هڪ ڪلاڪ تائين لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.