ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ورتو، جنهن بعد ڌاڙيل خادم ڀيو گينگ پاران معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي ڍال بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس موجب عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي ڪري ڌاڙيل خادم ڀيو گينگ خلاف آپريشن تيز نه ٿي سگهيو آهي، پوليس موجب خادم ڀيو ۽ ان جا ساٿي ڪيترن ئي ٻارڙن ۽ عورتن کي پاڻ سان گڏ علائقي ۾ ترسائي ويٺل آهن، ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ٻارڙن ۽ عورتن جي موجودگي واري اطلاع جي ڪري پوليس اڳتي وڌڻ کان رڪجي وئي آهي، هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو، هوڏانهن پوليس ۽ ڏوهارين جي فائرنگ ۾ خادم ڀيو گينگ جا 3 ڏوهاري زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.