ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ لڳل ڌرڻو گذريل رات دير سان 18 ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي سان ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڳالهيون ڪيون، ڊي سي ڌرڻي جي اڳواڻن سان 3 ڀيرا ڳالهين جا دور ڪيا ۽ آخرڪار ڳالهيون ڪامياب ٿيون، ڊي سي ڌرڻي جي اڳواڻن جا مطالبا ايس ايس پي امجد شيخ آڏو رکيا ته ساگر ڪمار جي بازيابي 48 ڪلاڪن بدران 24 ڪلاڪن اندر ڪرڻ، 9 مهينن کان ڏوهارين وٽ قيد نازيا کوسو ۽ ٻارڙي ڪوثر کوسو کي 2 ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ، ڌرڻي جي ڪنهن به اڳواڻ ۽ شهري مٿان ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ ڌرڻي جي اڳواڻن مٿان پوليس پاران ڪيل لٺبازي جو ازالو ڪرڻ شامل هئا، جيڪي ايس ايس پي امجد شيخ سڀ مطالبا منظور ڪيا، ان موقعي تي ڊي سي ڌرڻي جي اڳواڻن کي چيو ته اوهان پاران ڪيل مطالبا منظور ڪيا ويا آهن، ساگر ڪمار کي پوليس 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائيندي، نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو کي چڱن مڙسن جي معرفت ضمانت وٺي سندن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته ايس ايس پي ايس ايچ او بي سيڪشن عبدالقادر بنگوار کي سسپنڊ ڪندي انڪوائري مقرر ڪندي، بعد ۾ ڌرڻي جي اڳواڻن 18 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻن پريا ڪماري جي بازيابي بابت ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ايس ايس پي امجد شيخ اڳيان ڪا به ڳالهه نه رکي، سموري ڌرڻي ۾ پريا ڪماري جي بازيابي وارو آواز دٻيل رهيو، هوڏانهن ڌرڻي جي اڳواڻن ۽ ايس ايس پي جي ڪامياب ڳالهين کي 24 ڪلاڪ گذري چڪا آهن پر مغوي ساگر ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي قدم کنيا آهن.