ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمت سهرياڻي ۾ مامن ڀاڻيجن ۾ گهٽي  جي لنگهه تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ ۾ درزڪو ڪم ڪندڙ نوجوان نظير پٽ ميرحسن چنو سخت زخمي ٿي پيو. پوليس زخمي نوجوان کي وارثن سان گڏجي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو، حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ تي لاڙڪاڻي نيئندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.ڪنڌڪوٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.ايس ايچ او بي سيڪشن جو چوڻ هو ته بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار نديم جي والد علي حسن چنو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.