ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس 3 ڄڻن کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي آءِ اي پوليس دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي دوران 2 هفتا اڳ اغوا ٿيل برڪت گولو، محبوب گولو ۽ جاويد گولو کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ هو ۽ ڏوهارين جي اچ وڃ وارا گهٽ بند هجڻ ڪري هنن مغوين کي ڇڏي ڏنو ۽ پوليس مغوين کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.مغوين جي بازياب ٿيڻ تي گهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.هوڏانهن ذريعن موجب مغوي ڊيل تحت بازياب ٿيا.