ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي مغوي عاطف ڊومڪي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ڪارروائي دوران 7 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مغوي عاطف ڊومڪي کي بازياب ڪرايو ويو، مغوي جي بازيابي جي خبر تي سندس وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.