ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينھن ڌاڙيلن ھٿان اغوا ڪيل زخمي سي ٽي ڊي اھلڪار نويد جکرو کي ڪچي واري علائقي مان پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته پوليس دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري پوليس اهلڪار نويد جکرو کي بازياب ڪرايو آهي.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ڏوهارين باهو پوليس پڪٽ تي حملو ڪري پوليس اهلڪار نويد جکرو کي اغوا ڪري ويا هئا ۽ پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪندي ڏوهارين مقابلو ڪيو ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري دلبر ملڪ مارجي ويو ۽ گذريل ڏينهن کان پوليس ڪچي ۾ موجود هئي ڏوهارين مٿان پوليس جو گهيرو تنگ ٿيڻ ڪري ڏوهارين پوليس اهلڪار کي ڇڏي فرار ٿي ويا.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڏوهارين جي خاتمي تائين پوليس ڪچي ۾ موجود رهندي.هوڏانهن گذريل ڏينهن پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل مبينا ڏوهاري دلبر ملڪ جو لاش سندس امڙ جي حوالي ڪيو ويو.ذريعن موجب پوليس اهلڪار کي ڏوهاري جو لاش ڏيڻ عيوض بازياب ڪرايو ويو آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن سي سيڪشن ٿاڻي جي حد باهو پوليس پڪٽ تان ڏوهارين سي ٽي ڊي پوليس اهلڪار نويد جکرو کي اغوا ڪري وڊيو وائرل ڪئي هئي.