ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ويجھو 2 نوجوان مبينا طور اغوا، ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان مرتضيٰکوسو ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور لاءِ نڪتو ته کيس رستي مان اغوا ڪيو ويو، مرتضيٰ کوسو جي اغوا جي تصديق وارثن ڪئي، جن کان فون ڪري ڏوهارين 50 لک ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي، مغوي نوجوان جي وارث مير کوسو جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن نوجوان جي آزادي لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، ذريعن موجب نوجوان مرتضيٰ کوسو گڏ ٻيو نوجوان بدر گهنڄو به ڏوهارين هٿان اغوا ٿي ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ٻنهي نوجوانن کي غوثپور شهر جي هوٽل تان اغوا ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس ٻنهي نوجوانن جي اغوا معاملي تي بي خبر بڻيل آهي.