ڪنڌڪوٽ ويجھو ايم اين اي شبير بجاراڻي جي ترجمان جو ڀائيٽيو اينٽي ڪرپشن اهلڪار اغوا

0
15
ڪنڌڪوٽ ويجھو ايم اين اي شبير بجاراڻي جي ترجمان جو ڀائيٽيو اينٽي ڪرپشن اهلڪار اغوا
ڪنڌڪوٽ ويجھو ايم اين اي شبير بجاراڻي جي ترجمان جو ڀائيٽيو اينٽي ڪرپشن اهلڪار اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) تنگواڻي جي عدالت مان واپسي تي اسڪول وزٽ ڪندڙ ايجوڪيشن ورڪس ايڪسئين انجنيئر غلام ياسين جکراڻي،  ايس ڊي او سجاد دايو، ڊرائيور نعمت الله لاشاري ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جي اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي کي جمال ٿاڻي جي حد نورمحمد جمالي اسڪول ويجهو  هٿياربندن روڪي يرغمال بڻائي ورتو، موٽرسائيڪل تي سوار 8 هٿياربندن گاڏي جو اڳ وٺي هٿيار سڌا ڪيا، جنهن بعد ڪار سوار ڊرائيور نعمت الله لاشاري گاڏي روڪي ورتي ۽ هٿياربندن سڀني ايڪسيئين ايجوڪيشن غلام ياسين جکراڻي، ايس ڊي او سجاد دايو، ڊرائيور نعمت الله لاشاري، اينٽي ڪرپشن اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي کان موبائيل فونون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو، بعد ۾ هٿياربندن هر هڪ کان نالا پڇيا ته سڀني پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ هٿياربندن اينٽي ڪرپشن اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي جي سڃاڻپ بعد هن کي ڪار مان لاهي موٽرسائيڪل تي ويهاري اغوا ڪري فرار ٿي ويا.اهڙي واردات بعد ڏاهاڻي برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ هٿيار ساڻ ڪري جمال واري علائقي ۾ پهچي ويا ۽ پوليس اٽالا به وڏي انگ ۾ پهچي جمال واري علائقي ۾ مغوي ذوالفقار ڏاهاڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ضلعي اندر اغوا انڊسٽري واري صورتحال بدستور جاري آهي، ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ هن وقت 8 ڄڻا اغوا ٿي چڪا آهن جيڪي هن مهل تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن ۽ مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

ڀائيٽي کي آزاد نه ڪيو ويو ته نقصان ٿيندو: بجاراڻي هائوس ترجمان

ڪنڌڪوٽ:ترجمان ڪرمپور هائوس فوج علي ڏاهاڻي جو چوڻ هو ته جمال ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن منهنجي ڀائيٽي  ذوالفقار ڏاهاڻي کي اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته منهنجي ڀائيٽي کي ڪوڪاري نندواڻي گينگ جي ڏوهارين اغوا ڪيو آهي، هن چيو ته اهڙي واقعي بعد ڏاهاڻي برادري جا وڏي انگ ۾ ماڻهو هٿيار کڻي پهتل آهن، ڏوهارين نوجوان کي آزاد نه ڪيو ته نقصان ٿيندو،  پوليس کي گهرجي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ  بروقت حرڪت ۾ اچي ۽ نوجوان جي بازيابي لاءِ  ڪردار ادا ڪري.

پوليس ڪچي ۾ آوان گرنيڊ استعمال ڇو نٿي ڪري؟ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري جي علائقي بغدادي مان پلمبر محمد يونس وٽان آوان بم هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل رد  ڪندي سزا  گهٽائي ڇڏي، عدالت چيو ته جوابدار پاران جيل ۾ گهاريل وقت کي سزا تصور قرار ڏئي آزاد ڪيو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته اهو آوان گرنيڊ ڇا آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل  عدالت کي ٻڌايو ته رائفل يا لانچر ذريعي آوان گرنيڊ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهنور پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا اهو گرنيڊ پري تائين ويندو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته رائفل گرنيڊ جي رينج ٻن ڪلو ميٽرن تائين هوندي آهي، موٽ ۾ عدالت چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ڪچي ۾ آپريشن ڪندڙ پوليس آوان گرنيڊ استعمال ڇو نٿي ڪري؟ ڇا پوليس وٽ رائفل گرنيڊ هوندو آهي؟  پوليس آفيسر سعيد رند ٻڌايو ته پوليس وٽ آوان گرنيڊ نه پر آر پي جي هوندو آهي سرڪاري وڪيل چيو ته  بم ڊسپوزل اسڪواڊ  موجب آوان گرنيڊ لانچر بنا به استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن تي عدالت چيو ته ڇا آوان گرنيڊ ڪنهن ٻئي کي به ڏئي سگهجي ٿو؟ ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪچي ۾ ڪنهن کي سپلاءِ ڪندا هجن؟

سنڌڙي ڀرسان کٿابي عورتاڻي آواز تي هر کجي اغوا

سنڌڙي(ن پ ا) تگوسر ڀرسان ڳوٺ امام بخش ڪلھوڙو جو رھواسي 24 ورھين جو مدرسي جو کٿابي ياسر ڪلھوڙو شھدادپور مدرسي مان مبينا طور ھرکجي اغوا، آخري لوڪشين ڪوٽ سبزل صادق آباد جي ملي آھي، شھدادپور ٿاڻي تي گمشدگي جي اين سي  ادخل، سندس ڀاءُ جان محمد ڪلھوڙو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو منھنجو ڀاءُ شھدادپور جي مدرسي دارلعلوم حسينا ۾ علماءِ جو ڪورس ڪري رھيو ھو، سندس ساٿين ٻڌايو  ته اڪثر مدرسي ۾ موبائيل تي چيٽنگ ڪندو ھو، 2 ڏينھن کان گم آھي، موبائيل جي لوڪشين ڪڍائڻ تي معلوم ٿيو  ته پنجاب جي صادق آباد جي ڪوٽ سبزل ۾ سندس آخري لوڪشين لڳي آھي، جنھن بعد سندس نمبر مسلسل بند پيو اچي، ھن چيو ته اسان کي شڪ آھي منھنجو ڀاءُ ھرکجي پنجاب واري علائقي صادق آباد ۾ اغوا ٿيو آھي، ھن چيو  ته قانون نافذ ڪندڙ ادارا اسان جي مدد ڪن ڀاءُ کي بازياب ڪرايو وڃي، اسان جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، جڏھن  ته شھدادپور ٿاڻي تي سندس گم ٿيڻ جي اين سي پيءُ غلام حسين ڪلھوڙو جي جي فرياد تي  اين سي داخل ڪئي وئي آهي ، پوليس موجب سندس لوڪشين صادق آباد جي آسپاس جو لڳن پيون، سي ڊي آر نڪرڻ ۾ وڌيڪ پھتو پوندو.

داد لغاري واسي مغوي 2 مهينن بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري ويجھو ڪينجھر پتافي واسي نظير مارواڙي کي دادلغاري پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، دادلغاري ايس  ايچ او ذوالفقار مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس آپريشن دوران نظير مارواڙي کي بازياب ڪرايو آھي، ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آھن ته نظير مارواڙي کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٻن مھينن بعد بازياب ڪرايو ويو آھي، واضع رھي ته 2 مھينا اڳ نظير مارواڙي ميرپورماٿيلو کان اغوا ٿيو ويو ھو، پوليس ڄاڻايو ھو ته نظير مارواڙي جي لوڪيشن ڪشمور ڪچي جي اچي رھي آھي، 2 مھينا مسلسل نظير مارواڙي جو نمبر کليل رھيو ھو.

آپريشن هلندڙ آهي، ڏوهارين جا ٿاڪ تباهه ڪيا آهن، جلد مغوي بازياب ٿيندا: پوليس

ڪنڌڪوٽ:ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته ضلعي اندر ڏوهاري ٽولن خلاف سخت آپريشن هلندڙ آهي پوليس ڏوهارين مٿان ڊرون حملا ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏوهارين جو وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ پوليس ڏوهارين جي ٿاڪن تي پڪٽون قائم ڪيل آهي هن چيو ته پوليس مغوين کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائيندي ۽ ڏوهارين جو مڪمل خاتمو آندو ويندو.

 “ گرفتار ماڻهو ڇڏيو، پوءِ مغوي آزاد ڪنداسين”: ڏوهارين جو شرط

ڪنڌڪوٽ: ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي هٿياربندن پاران سڃاڻپ بعد اغوا ڪيل اينٽي ڪرپشن اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي ڪرمپور بجاراڻي هائوس جو ترجمان فوج علي ڏاهاڻي جو ڀائيٽو آهي، هٿياربندن ان جي سڃاڻپ ڪري اغوا ڪرڻ بعد پوليس مٿان پريشر ڏنو ويو آهي ته پوليس ڪوڪاري_ نندواڻي گينگ جي گهرن مٿان جيڪا پوليس پڪٽ قائم ٿيل آهي اها ختم ڪئي وڃي ۽ جيڪي ڪوڪاري نندواڻي گينگ جا ماڻهو پوليس وٽ آهن، انهن کي آزاد ڪيو وڃي، جنهن بعد ذوالفقار ڏاهاڻي کي آزاد ڪيو ويندو، ذريعن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي پوليس هن وقت تائين ڏوهارين جي اهڙي ڊمانڊ تي اڃان تائين عمل ناهي ڪيو..

هٿياربندن ڦرلٽ ڪري سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن اهلڪار کي اغوا ڪيو: غلام ياسين

ڪنڌڪوٽ:هٿياربندن پاران ڪار سوار سڀني کييرغمال ڪري هڪ ڄڻي ذوالفقار ڏاهاڻي کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جو اکين ڏٺو شاهد ۽ ڦرلٽ ۾ متاثر ٿيندڙ ايڪسيئين ايجوڪيشن غلام ياسين جکراڻي جو چوڻ هو ته صبح جي وقت اسين تنگواڻي ڪورٽ وياسين جتان حاضري بعد اسين اسڪولن جي وزٽ لاءِ  ۽ نورمحمد جمالي اسڪول کي نشانن لاءِ نڪتاسين ته نور محمد جمالي اسڪول ويجهي موٽرسائيڪل سوار 8 هٿياربندن ڪار جو اڳ وٺي هٿيار سڌا ڪيا، هٿياربندن اسان کان ڦرلٽ ڪئي ۽ بعد ۾ اسان سڀني جا نالا معلوم ڪيا، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي پنهنجو نالو هٿياربندن کي ٻڌايو ته هٿياربندن ان کي ڪار مان لاهي پاڻ سان گڏ اغوا ڪري فرار ٿي ويا.